هڪ جِنَ جي ڊائري a sindhi giant's biography who migrated from siberia to sindh...

14
Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 1 شارن ۾ هڪ ڳڻتي ا جوڳو معاملو ۽ خطرناڪ نتيجا جيڪو هڪوس ڪيو جن محس! جي آتم ڪهاڻيَ نِ هڪ سنڌي ج تحرير: يمڻ عبدالرزاق م ص ٿيس تهُ ن انڊ ما ن ئي مان بح جو جيئن ٿڻ شرطُ ا هڪ ڇڏيوشان ڪري پري ٻچي مونکي! اه و ٻچو ٻي ڪا ئيُ ه مخلوق ڪانه پر نهنجيُ م ئي هڪ جنڙي ڌي ئيُ ه. کانهن ڏين گهڻن ئي ويهڻشان ۽ ضد ڪري پرييو هو ڇو جوي ۾ شامل ٿي وندس مشغل هاڻ سڙي واري هڪ کيس پادان جي ٻئي خان ٻچڙي سان جن ئيُ ڪي هُ حبت ٿي چُ م نُ ا ۽ هو ئيُ ڪرڻ تي بضد ه سان شادي. سريسانجو پاڙي ٽنب اُ جن ٻچي جو ڪ انٽرن تي بربن سئو ڪلومينهنجو گهر تقري هو ج هڪ ميدان ۾ هو ف جي. سانو آهي اندو آي ٿين ئي ائيدا آهيون ئي رهن کان فاصلو ڪرين جا جن هڪ ٻئي ندانتلف خا مخ. ڏاڏابا اسان جا اه ڪندا ڳاله ئا تهُ ه سنڌ ۾ پهرئينچڻ کان ا ئاُ آيا ها مان هجرت ڪريري سائبيدن وڏا سن ئُ ۾ رهندا هڪ ئي گهر ن وقت هُ اَ جندان جا خانن ندان جتي خا ا ڏسڻ ۾ن جا ويرانکي جتي به ڪا ، جنه ئاُ ي رهندا ه ويه قبضو ڪري تيُ و اُ ئي هُ ندي ه اي. بضو ته ٻئيَ دان جوقمري ۾ هڪ خان ڪر جي هڪ گه هو رهندودان جو قبضو ۾ ٻئي خان. ر کنڊ ٿي حبت سان کيُ سان پاڻ ۾ پيار ۽ م به ا ئا ته پوُ ڏاڏا چوندا ه با ا ئاسونُ رهندا ه. صدين کَ جنسان ادا اچون ۽ خيال ڪنردي هڪ ٻئي سان همدوئن به ان ه ۽ گڏ مڏ رهڻ جا آهيون عادي ياسونن هتي اچي وساو ته اڪ لڳو ه لُ سڪون رهڻ جي قابل م رُ اهڙو ئي پ کي سنڌ بهسان ا. تي قبضو ڄمائي رهڻ لڳو هو ئي پاڻ هڪ وڻُ ڳ ڀڳ ٽي سئو سال ههن جي عمر ل چاچو جن وڏو نهجوُ م پر ڪٽجڻ وڻ هوُ ا پو هو کان پو ن جا ويرا يا خالي اهڙيئپ ۾ ٻي ڪا ۽ ويجهڙا ڪو هوُ گهر ٿي چچارو بي وي ئي جتُ بچي ه ئي ڪانهجو آستانو ٺاهي رهيو پنهن ي وڃي ه. هوروجن ٻچن ۾ پو پنهن هرڪو جن ۽ ڪري جيئي اڪي ياسان کان ا دل ٿي بد پوءيوهن غائب ٿي و ڪيڏانئين هو اڪ ڏينه ه هو.

Category:

Entertainment & Humor


4 download

DESCRIPTION

هڪ سنڌي جِنُ اوهان سان پنهنجي مُڪمل آپ بيتيءَ کي شيئر ڪرڻ ٿو چاهي ! هن جي دعوايٰ آهي ته هو واديءَ مهراڻ کي حضرت عيسيٰ عليه الصلوات وسلام جي ڄم کان به 7000 سال اڳ کان اڄ تائين سنڌ ۾ 28 مختلف دئورن کي اڄ تائين ڏسندو اچي. پر اڄ جو دئور سڀ کان گهڻو خطرناڪ آهي. توهان به ڏسو ته ڇا هن جي سوچڻ جي حس اسان انسان وانگر ته نه ٿي وئي آهي ! ڇو جو هو پاڻ کي ڪوهه ڪاف جو جن سڏائڻ بدران سنڌي جِنُ سڏرائي پيو هن جيڪا آپ بيتي ٻُڌائي آ اسان به حرف به حرف ائين ئي شايع ڪئي آهي. هن لکت جو جوابدار اهو پاڻ جن آهي اسان ته صرف آزاد اظهار جي آزادي ۽ آزاد ميڊيا جو فائدو وٺندي سنس هيءَ آپ بيتي شايع ڪرڻ جي جسارت ڪئي آهي اهو به جڏنهن هرڪنهن کي جيئن سمجهه ۾ اچي ٿو چئي ٿو اُن جي ڪاپي ڪندي . ڪوڙ يا سچ اها پرک رکڻ لاءِ اهو جن پنهنجي ڌيءُ ۽ ناٺيءَ سميعت اسانکي 14 آگسٽ کان پوءِ ڪنهن به ويران ٿيل شهر ۾ ملي ويندو !

TRANSCRIPT

Page 1: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 1

!جن محسوس ڪيو هڪ جيڪو ۽ خطرناڪ نتيجاء جوڳو معاملواشارن ۾ هڪ ڳڻتي

هڪ سنڌي جن جي آتم ڪهاڻي عبدالرزاق ميمڻ: تحرير

ٿيس تهص

ٿڻ شرط بح جو جيئن ئي مان ننڊ مان ا

و ٻچو ٻي ڪا اه! ٻچي مونکي پريشان ڪري ڇڏيو هڪا

پريشان ۽ ضد ڪري ويهڻ گهڻن ئي ڏينهن کان .هئي ڌيء جنڙي هڪ ئي منهنجي پرمخلوق ڪانه هئي جن ٻچڙي سان ٻئي خاندان جي کيس پاڙي واري هڪ هاڻ سندس مشغلي ۾ شامل ٿي ويو هو ڇو جو

ن محبت ٿي چڪي هئيان جن ٻچي جو ڪٽنب اسانجو پاڙيسري . سان شادي ڪرڻ تي بضد هئي ۽ هوء ا

ائين ئي ٿيندو آيو آهي اسان . ف جي هڪ ميدان ۾ هوهو جنهنجو گهر تقريبن سئو ڪلوميٽرن تي بر.مختلف خاندانن جا جن هڪ ٻئي کان فاصلو ڪري ئي رهندا آهيون

سندن وڏا سائبيريا مان هجرت ڪري آيا هئا اچڻ کان پهرئين سنڌ ۾ هئا ته ڳالهه ڪندااسان جا ابا ڏاڏا ن وقت هڪ ئي گهر ۾ رهندا هئ

، جنهنکي جتي به ڪا ويران جاء ڏسڻ ۾ اجتي خاندانن جا خاندان جن ا

تي قبضو ڪري ويهي رهندا هئابضو ته ٻئي . ايندي هئي هو ا

گهر جي هڪ ڪمري ۾ هڪ خاندان جوق

ابا ڏاڏا چوندا هئا ته پوء به اسان پاڻ ۾ پيار ۽ محبت سان کير کنڊ ٿي .۾ ٻئي خاندان جو قبضو رهندو هو۽ گڏ مڏ رهڻ جا ان هوئن به هڪ ٻئي سان همدردي ۽ خيال ڪندا اچوناسان جن صدين ک. رهندا هئاسون.اسان کي سنڌ به اهڙو ئي پرسڪون رهڻ جي قابل ملڪ لڳو هو ته اسان هتي اچي وياسون عادي آهيون

پر منهجو وڏو چاچو جنهن جي عمر لڳ ڀڳ ٽي سئو سال هئي پاڻ هڪ وڻ تي قبضو ڄمائي رهڻ لڳو هوهو وڻ ڪٽجڻ

ويچارو بيگهر ٿي چڪو هو ۽ ويجهڙائپ ۾ ٻي ڪا اهڙي خالي يا ويران جاء کان پوء هو پوء ا

۽ هرڪو جن پنهنجن ٻچن ۾ پورو هو . ي وڃي هو پنهنجو آستانو ٺاهي رهيئي ڪانه بچي هئي جت .هوهڪ ڏينهن هو االئي ڪيڏانهن غائب ٿي ويو پوء بد دل ٿي اسان کان يا اڪيالئيء جي ڪري

Page 2: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 2

ڪجهه محسوس ٿيڻ لڳو هو ۽ پاڪستان ٺهڻ وقت هن کي . يء به چاچا وانگر تنهائي پسند هومنهجو پگهڻي ٿي ويندي ۽ هنن جو سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ هاڻ ته کيس اچي ورايو خيالهڪ اوچتو ڏينهن هڪ

هڪ ڏينهن .سو سنڌ مان لڏي واپس سائيبريا وڃي ابن ڏاڏن جا پراڻا آستانا وسائجن جيء جنجال بڻجي ويندو.هن امان جنڙيء سان مشورو ڪيو

!ثقافتي منظر ڇڏي ساالنا جا سنڌ هتي ! ڇو ! سائبيريا : امان سائيبريا ۾ اڃا به اهڙيون جڳهيون آهن جتي انسانن جي آبادي گهٽ ! هتي جي زمين سوڙهي ٿيندي وڃي: ابو

تي! ڪو تنگ ڪرڻ وارو عامل به ڪونه هوندو. آهي.ف برف ئي برف آهيچئني طر ڇو جو ا

مجال آ جو بابي هوندي هئي ر جنڙيپنهنجي مڙس جي فرمانبردااسانجي امڙ ويچاري به سنڌي ڳوٺاڻين جيان جي نافرماني ڪري هن بابا سائين جي حڪم اڳيان پنهنجو سر جهڪائي ڇڏيو ۽ اهڙيء طرح اسان سنڌ ۾

کان بچڻ الء واپس پنهنجي ابن ڏاڏن جي ملڪ جي خطري ڌارين جي يلغار ۽ سندن طرفان اسان سان زيادتي.سائبريا پرواز ڪري هليا وياسون

توهانکي ته خبر آهي ته اسان الء نادرا جو شناختي ڪارڊ هئڻ، پاسپورٽ ۽ ويزا ۽ سفر الء ٽڪٽ بوڪ اسانجي جتان کان جتي مرضي ٿيندي آهي ايوي ايشن جي رولس . ڪرائڻ جو ڪو جهجهٽ ئي ڪونهين

جتي دل چاهي خانهبدوشن جيان ٺڪاڻو ڪري ترسي . ورزي ڪندي پرواز ڪندا رهندا آهيونجي خالف اسان سائبيريا پهچي گهڻا خوش ٿياسون جو پنهنجي امڙ زمين جي مٽي ڪنهن کي پياري نه . پوندا آهيون

ڻ ۾ ٽي اسان پا. خاص ڪري اسان جنڙا ٻار ته ايترا ئي خوش هئاسون جو سامهون برف ئي برف هئي .هونديڏامي جهٽ پٽ ۾ سائبيريا جي برفن واري عالئقي ۾ پهچي ته وياسون پر سوال هو ته رهائش ڪٿي اختيار ڀاء

هتي پري پري تائن نه ته ڪو ويرانو هو نه ڪو کنڊر ، نه ئي ڪو خالي گهر جي هو ته صرف ٿڌ جو .ڪجي.وبحر حال ڳوليندي ڳوليندي اسانکي هڪ وڏو اگلو مي ويو ه .غلبو هو

نهن برفاني گهرن کي ٻڌائيندو هالن ته برفاني عالئقن ۾ رهڻ وارا پاڻ الء جيڪي برفاني گهر ٺاهيندا آهنا

اگلوء جي .هن ۾ هڪ ننڍڙو دروازو رکبو آهي ۽ اسڪيمو ان ۾ ريڙهيون پائي اندر ويندا آهن. اگلو چئبو آهي.ن ئي سند گهر جيا ڏيا به روشن رکيا ويندا آهنڀتين تي مڇيء ۽ رڇ جي چرٻي ملبي آهي ۽ انهيء چرٻي سا

. ته اسانکي به پري کان هڪ اهڙو ئي اگلو ڏسڻ ۾ آيو هو ۽ اهو انهيء عالئقي جو سڀ کان وڏو گهر هواندر گهڙي . گهر هوجڏنهن ان اگلوء جي ويجهو پهتاسون ته خبر پئي ته اهو اسڪيموئن جي عبادت جو

ت رکيل هئا ۽ اسڪيمون ان اگلوء جي ٻاهران ئي عبادت ڪري واپس وياسون ته ان ۾ برف جا ٺهيل ب بابا ان اگلوء کي پسند ڪيو ۽ . پنهنجن گهرن ۾ هليا ويندا هئا ان الء اندران اهو وڏو اگلو خالي رهندو هو

.اسانجو پورو گهراڻوان اگلوء ۾ اندر رهڻ لڳو جن آهيون جيڪي رهون ٿا پر ڪجهه ڏينهن کان اسان ئي پهرئين ته اسان سمجهيو ته هن عالئقي ۾ صرف

هي اسانجي اگلوء ! پوء خبر پئي ته نه تي مقامي جن به رهن ٿا ۽ جيڪي اسانکي ويجهي ۾ ويجها پاڙيوارا هئا ا

ا

. سئو ڪلوميٽرن جي فاصلي تي رهندا هئاکان تقريبن ٿي بنهنجي بدصورت ترين جنڙيء ڌ

هن سنڌي ميڊيا جي يء کي ڏٺو تهبهر حال ته جڏنهن مان صبح جو ا

پنهنجي وارن ۾ خوبصورتيء الء پنهنجن چيڙهه پيل وارن ايڪٽريس وانگر ميڪ اپ ڪرڻ جي بجاء!ويڙهي پاڻ کي خوبصورت ڪري ويٺي هئي ۽ وري ساڳي رٽ ۾ لڳي وئي۾برفاني نانگ

Page 3: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 3

!اڄ توهانکي ڪنهن به صورت ۾ هنن وٽ هلڻو پوندو! ابو: ڌيء !مونکي ياد ڪونه ٿو اچي ته ڪنهن وٽ هلڻو به آهي ! ڪنهن وٽ امان :پيء نهيء جنڙي جي گهر ! بابا سائين : ڌيء

جنهن سان مونکي شادي !جنهن سان مونکي پيار ٿي ويو آهي ! ا

!توهان تي ويسر جو غلبو ٿيندو وڃي! جڏنهن کان سنڌ مان لڏي آيا آهيون! بابا سائين وسري ويا ڇا ! ڪرڻي آ !ٻاهر جي موسم ته صحيح آهي نه! ڀال اهو ٻڌاء ! سنڌ وسري ئي نٿي ! ڇا ڪريان امان ! اڇا ! اڇا : پيء !اسانتي ته موسمن جو اثر ڪونه ٿيندو آهي ! ڀال اسانجو موسمن سان ڇا! موسم جا بهانا ڇو: ڌيء !بڇڙي جنڙي ڪٿي وڃي مئيڀال پهرئين اهو ته ٻڌاء ته ماڻهين ! هلون ٿا ! ٺيڪ ! ٺيڪ آ : پيء هوء هوا ۾ ! پر بابا سائين امان بڇڙي جنڙيء کي لمحا پهرئين ڏٺو ضرور هوم ! اها ته خبر ڪا نه اعم : ڌيء

ڏامندي !اوڀر طرف پئي وئي ا

پئدا ٿيو ڪجهه ڏينهن کان هن هڪ شوق ! ڪيڏانهن وئي هونديته هوء بس سمجهي ويس ! ها! ها: پيء !گوئن ڏسڻ جوپين! آهي !ذڪر ته ڪيو پئي ته کيس پينگوئن کي هڪ الئين ۾ هلندو ڏسي ڏاڍو مزو ايندو آهي ناما! ها : ڌيء ڇا ٿو ڏسان ته پري پري تائين برف ئي برف پکڙيل هئي ۽ ڪي مان اگلوء مان واپس نڪري آيس! خير

کين ڏسي االئي ڇو مهنجي وات مان . اسڪيموز پنهنجي عبادت الء اسان جي اگلوء ويجهو اچي رهيا هئاهنن محسوس به ڪونه ڪيو ڇو جو اسان جن ته هنن کي ڏسي پئي .اوچتو ئي اوچتو کل نڪري آئي

.سگهياسون پر هو نٿي ڏسي سگهيا ڏامي

سئو ڪلوميٽرنآخر هڪ ڏينهن اسان پنهنجي جنڙي ڌيء جي خواهش تي سندس شادي ڪرائڻ الء ا

.جنڙي ڌيء جي مئشوق جي گهر پهچي وياسون۽ منهنجي ڙي واريجو سفر ڪري پنهنجي پا ڪڪرن جو سير ڪرڻ آسمان سڀئي گهر وارا موسم جو مزو وٺڻ الء . گهر ۾ ته ڪير به ڪونه هون

ڇوڪرو ڏاڍي گرمجوشيء سان اچي مليا. ڏانهن هليا ويا هئا، اسانکي ڏسندي ئي فورن زمين تي لهي آيااسان جنن ۾ ڪير مڃي يا نه . پر ماڻس ڪجهه اونڌي دماغ جي پئي لڳي توته بس هٿان پئي نڪجنڙو

ها اها ته اسان وٽ کاڌي پيتي جو تڪلف ڪونه هوندو آهيها پر جي انسان .هڪ ڳالهه سٺي ضرور آهي ا

جيئن منهنجي زال کي ازدها . جو روپ وٺندا آهيون ته پوء ڪجهه نه ڪجهه کائڻ جي طلب ٿيندي آهي۽ هء هر هفتي پرواز ڪري هانگ ڪانگ هلي ويندي آهي ۽ ڪنهن نوجوان ۽ و سوپ وڻندو آهينانگن ج

.خوبصورت ڇوڪريء جو روپ ڌاري سوپ پي ايندي آهي هڪ چيني شخص مٿائنس عاشق ٿي پيو . هڪ ڀيري ته ان چڪر ۾ ساڻس هڪ دلچسپ واقعو ٿي پيو

ن وقت منهنجي زال هڪ خوبصورت ڇوڪريء جي رمنهنجي زال کي به اچي لڙ ۾ .وپ ۾ هئيڇو جو ا

بس پوء ته چيني ڇتو مذو لڳو هن به کيس چڪر ڏيڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي پويان اچڻ جو اشارو ڪيو ٿي بهي رهيو ۽ هڪ لوسي ڪتي وانگر پويان پڇ لٽڪائيندو هلي آيو آخر کيس هڪ ويراني ۾ آڻي

.ته هوش وڃائجي ويا ۽ بيهوش ٿي ڪري پيو منهنجي زال پنهنجي اصلي صورت ۾ اچي وئي هن جا ۽ جنهن اسان پنهنجي ڌيء جي شاديء جي تاريخ وٺڻ الء جنڙي جي گهر آيا هئاسون ته مون ٻڌايو پئي ته! خير

پو مهل اڃان اسان ڳالهه ئي مس شروع ڪئي هئي ته جنڙي ڇوڪري جي ڀيڻ جنڙيء اوچتو ڳالهه ۾ ٽ

!ڪهڙا انسان. سان گهڻو تنگ ڪرڻ لڳا آهنچوڻ لڳي ته کيس هي ان ڏيندي

Page 4: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 4

!ٿي پڇڻ لڳس سندس جنڙو پيء پريشان االئي ڪٿان دهل ۽ نغارا کنيو اچن ۽ ڌمال تي ڌمال لڳايو ! اسانجو سڪون برباد پيا ڪن !اهي ئي اسڪيموز

.ويٺا آهن ۽ اسان سڪون کي اهو واقعي اسان جنن سان مسئلو آهي ڇو جو اسان جنن کي گوڙ بلڪل ڪونه وڻي ! ها

.گهڻو پسند ڪندا آهيون ء ؛ ته پٽ ان ۾ پريشان ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي کين پنهنجي صورت ڏيکاري ڇڏ پاڻهين اهي دهل پي

!ڇڏي رفو چڪر ٿي ويندا ها مونکان به گهڻي ! منهنجي صورت ڏيکارڻ سان ڪجهه ڪونه ورندو ! نه بابا : ڌيء

امان کي موڪليو ا

.بدصورت آهي تڏنهن ته مون تنهنجي ماء سان لو ميريج ڪئي هئي !اها ڳالهه ته آهي! ها ( فخر سان ڳاٽ اوچو ڪري: )پيء

!ته جيئن هن پوري جن نگريء ۾ ماڻهين کان ڀيانڪ ڪا جنڙي نه هئي دد جنڙي پنهنجي ايڏي وڏي تعريف ٻڌي پنهنجي پاڻ شرمائڻ لڳي ۽ پوء هوء پنهنجي ڌيء جي مسندس زال

.ڪرڻ الء هلي وئي ڪجهه دير کان پوء جڏنهن موٽي آئي ته اسان ٻئي جنڙا جن پاڻ ۾ پنهنجي جنڙي ڌيء ۽ سندس جنڙي پٽ

!پر هن جنڙيء اچي هنگاما آرائي شروع ڪري ڏني .جو رشتو ڳنڍي چڪا هئاسون مهنجي پٽ کي جهيز ۾ پر توهان ! طع ڪري ڇڏي آ ڀلي توهان منهنجي غير موجودگيء ۾ شادي: جنڙي

!ڇا ڏيندئو ياد رهي ته جنن جي شاديء جو رواج انسانن جي شاديء جي رواج کان مختلف آهي، ڇوڪريء وارا ڌيء الء

!سمجايوگهڻو ئي نڪه مون جنڙيء کي حاال .ڪونه ٿيندو آهي جهيز پر رشتو ڳلڻ ويندا آهن ۽ پاڻ ! پاڻ ڇو ان جهنجهٽ ۾ پئون !اهو ته انسانن ۾ آهي !ڏس ڀيڻ پاڻ ۾ ڀال جهيز جو رواج ڪڏنهن : مان

!کي جهيز وٺڻ يا ڏيڻ ۾ ڪو فرق !مون ته پنهنجي جنڙي ڏاڏا جو قسم کاڌو آهي ته مان جهيز ضرور وٺنديس! ڏس ادا : جنڙي

!ٻڌايو ته جهيز ۾ ڇا گهرجي ! هلو : مان !مونکي جهيز ۾ ڏهه ويران شهر گهرجن : جنڙي

!کڻي وٺ ڀلي سڀئي ! هيء پوري سائبيريا جا ميدان ويران پيا آهن ! ڳالهه به ايتري ! بس: مان جتر ماڻهن ۾ ! پر اهڙا شهر گهرجن جيڪي پهرئين خوشحال ۽ آباد هئا ! اهوئي ته شرط آهي ! نه! نه : جنڙي

خون ۽ جتي طاقتور ۽ هاڻ !هرڪو هڪ ٻئي الء اکيون وڇايو ويٺو هوندو هو ! پاڻ ۾ پيار ۽ ٻڌي هئي ! نو گو ايريا بڻيل هجي !هر گهٽي ۽ محلو ! چوسيندڙ راڪاسائن جو قبضو ٿيل هجي

!سائبيريا ۾ ڀال اهڙا ويران شهر ڪٿي ! اها توهانجي سراسر زيادتي آهي جنڙي ڀاڄائي : مان نيا جي ڪنهن به د ! ڳوليو ! ڀال مون سائبيريا جي ڳالهه ڪٿي ڪئي ! ٻڌو ( ڇٿر ڪندي کلي: )جنڙي

!ڀال پهچڻ الء اسانکي ڪا فاصلن جي پرواهه! اسانتي ڪهڙو فرق پوندو ! عالئقي ۾ هجن !ڪراچيء مان ٿي آيا آهيو ڇا !عادت توهان ۾ ڪٿان پئي واريانسانن اڻ سهو اها ڀال ! ڀاڄائي جنڙي : مان

!ته گهرون ئي نه ن ان ج اس هي جهيز وغيرهه جو شوشو به گهڻي قدر انهن ئي انسانن ۾ آهي

Page 5: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 5

ته پنهنجي جنڙي پٽ جي شادي الڳ اسٽائل ! پر مون پنهنجي نڳي جنڙي ڀيڻ سان شرط لڳايو آ ! ڀلي : جنڙي نڳي ڀينرن کي ڪيترو پيار ڪندي توکي ته خبر آهي نه ته آئون پنهنجي ( مڙس جنڙي کي! )سان ڪنديس

!آهيان ڇا چاچي !آهي ته تنهنجون ته هڪ سئون نوي ماٽيجون ڀينرون آهن ادي جنڙي ٻڌايو! ڀاڄائي جنڙي : مان

!مرهيات جنڙي جو اهوئي شوق هو آئون ! منهنجي نه جيڪا چاليهين نمبر واري ماٽيجي ڀيڻ جنڙي آهي ! ڀائو منهنجا سنڌي جن ها :جنڙي

!انهيء جي ڳالهه پئي ڪريان پنهنجي معشوقه جنڙي يعمي ) ! جا شرط مڃي وٺو ڙيء ممي جن! پليز ! سنڌي انڪل جن : جنڙو عاشق

سنڌي ! جي نه ائين ٿيو ته آئون !ٿرٿلي ۾ پئجي ويندي اسانجي شادي !ته نه (ٿو سڪرائيمنهنجي ڌيء کي م!عاشقن وارو ڪم ڪندس

هو وري ڇا : مان !ا !دس آئون تنهنجي ڌيء جنڙيء کي ڀڄائي ويندس ۽ وڃي ڪورٽ ميريج ڪن: عاشق

وڏيرا وري هتي سائبيريا ۾ پهچي ويندا ۽ جن سنڌيمنهنجا ٻيا ! ابا متان اهو ڪم ڪيو اٿئي ! نه نه: مان سنڌي جنن جي ابا مان پنهنجي ! توهان ٻنهين کي ڪارو ڪاري ڪرائڻ ۾ مارائڻ تي مون تي زور ڀريندا

!آهيانڀلي سائبيريا ۾ لڏي اچي ويٺو ! ثقافت کان منهن نٿو موڙي سگهان !پوء ڪرين ٿو امان جا شرط پورا يا : عاشق

!آهن اهي ته انسانن جا آهن ڙاابا اهي ڀڄائڻ جا ڪم اسانجا ٿو( کيس سمجهائيندي: )مان !ممي سان وعدو ڪريو ! پليز ! پليز ! تڏنهن ته : عاشق

!هلو ڀال وعدو : مان !کڻو حضرت سليمان عليه السالم جو قسم : عاشق

وعدو !دا آهيون انسانن وانگر وعدو ٽوڙڻ الء ٿوڙي ڪن! وعدو هوندو آهي ! اسان جنن جو وعدو ! بچا :مان !مانا عمل ڪبو

!اها پڪ آ !وعدو ضرور پاڙيندي ! سهرو آهين جن سنڌي انڪلئي ته هنجو نآخر م ! او اتي انڪل : عاشق تي ئي ملي ! ش وڃان ٿو مان واپس پاڪستان، هندستان ۽ بنگال دي! ٺيڪ آ : مان

پڪ اهڙا ويران شهر ا

ڏامي هليا اچون ٿا! )چڱو هاڻ اللله توهار موڪالڻي ڪونهين !ويندا ٿي هوا ۾ ا

ذرڻ لڳا! ته قارئين . پوء منهنجا ٻيا ڏينهن ذاتي مصروفياتن ۾ گ

ن هڪ ڏينهن مونکي اوچتو هڪ نياپو مليو ته منهنجو هڪ پري جو چاچو جيڪو برازي

ل ۾ رهندو هو ا

ياد رهي ته اسان وٽ مرڻ . هو تقريبن ڏيڍ سئو سال سنڌ ڇڏي برازيل ۾ وڃي آباد ٿيو هو. جي وفات ٿي وئي آ اسانجو موت تڏنهن ٿيندو آهي جڏنهن ڪو. جو تصور انسانن جي مرڻ کان بلڪل مختلف هوندو آهي

گهيء يا بوتل ۾ قيد ڪو عمل ڪري اسان کي ڪنهن شيشي جيٻانهون نيڪ اهلل جو خطرناڪگ

ها گگهي يا بوتل سمنڊ جي گهري پاڻيء ۾ اڇالئي ڇڏيندو آهي ۽ !ڪري بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پوء ا

جعلي پيرن .ڦاسي پوندا آهيون ۽ آزاديء الء ڪو هٿ پير نه هڻي سگهندا آهيونسمنڊ جي تهه ۾ ٻڏي اسان

Page 6: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 6

لي اسان سنڌ ۾ بزرگن، ولين ۽ درويشن جي مزارن تي رلندا اهڙا موا! ۽ عالم کي ته اسان ليکيون ئي ڪونه هي ته ري جا ٻه ڍڪ پي پاڻ کي پير يا عاپنندا ڏسندا آهيون جيڪي ڀنگ ۽ سلفيء يا ٺ

مل چوارائيندا آهن ا

اسان کين سڌو ڪيو . انسان يا توهم پرست آهن جيڪي سندن شڪار بڻبا آهن ڀوڪ ويچارا غريب سنڌياسان ڪوشش ڪندا آهيون ته اهڙن نيڪ انسان . ن، ولين ۽ مرشدن جي ڳالهه ئي ٻي آ پر سچن پير .ڇڏيون

ها جوء ئي ڇڏيو ڏيون هي اسانجي آستانن وٽ اچي وسندا آهن ته اسان ا

ته !سان منهن نه اٽڪايون جي ا

۽ هو سنڌي منهنجي ڇاچي جن مرهيات جو اهو خيال هو ته برازيل ۾ اهڙا ولي اهلل ۽ بزرگ هوندا ئي ڪونه۽ هليو هو سنڌي وڏيرن ۽ راشي ڪامورن جيان برازيل ۾ عيش عياش وڏيرن جون ڳالهيون ٻڌي هرکجي پيو

تي به هڪ حقيقي اللج جو درويش موجود هو پر سندس ڦٽي ۽ بدقسمتي جو. عشرت ڪرڻچاچا کي شايد ! ا

ان جو چاچا جن جون ! آهن خبر ئي مانه هئي ته اهلل لوڪ درويش هر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هوندا ئيحرڪتون ڏٺيون کيس طويل مدت تائين بند بوتل ۾ وجهي قيد ڪري ڇڏيائين ۽ بجاء اها بوتل پاڻ وٽ

ها سمنڊ ۾ ڦتي ڪري ڇڏي ۽ چا چا ه سنڀالي رکڻ جياڻ اسان الء مرهيات ٿي چڪو آهي درويش ا

ذري وياته منهجا گهڻا ڏينهن ته س !جيسين ڪو اهو بوتل ڳولي ۽ کولي چاچي جنڙيء .وگ ۽ صدمي ۾ گ

زيت ڪرڻ جي همٿ ان ڪري ڪانه ٿي ته ڪٿي اسان پاڻ سندس ادائن ۽ عشق ۾ وٽ برازيل وڃي تعڇالئي مرهيات ڪري ڇڏي

هو ولي اهلل ڪنهن بوتل ۾ وجهي ا

مون واري! ڦاسي نه وڃون ۽ پوء اسانکي به ا

چاچي کي به برازيل جي سٽيزن شپ . رهواسڻ ل گهڻي چاالڪ ۽ برازيل جي لوڪ آهي چاچي جنڙي سرڪار.جا االهي نوجوان جن متواال هئاهن ڏيارڻ الء ڊاڪومينٽ ميريج ڪري وٺي وئي هئي پر

ڌيء جنڙيء جي جهيز واري ! بهرحال برازيل جو چسڪو مونکي به بيتاب ڪري رهيو هو پر ڇا ڪجي ولڻا هئا جيڪي آباد ۽ خوش حال هئا پر هاڻ کين ويران يعني ڏهه اهڙا شهر ڳ !ڊمانڊ به ته پوري ڪرڻ هئي

ذخيرهه اندوزي ڪرڻ وارن بڻايو ويو هو پوء چاهي بلڊر مافيا يا ڪنهن لساني تنظيم يا موالين جي گروهه يا .واپارين

تو ! منهوس صورت ۽ ڏائڻ ڌيء تي گهڻي مالمت ڪئي ته ڪمبخت مون واپس اگلوء ۾ گهسندي پنهنجي بس هوء روئيندي .ڇڙي جنڙي جي محبت ۾ پاڻ کي غلطان ڪيو جنهن جي جنڙي ماء اللچڻ آهيبه اهڙي ب

! رهي ته مونکي ترس اچي ويو ۽ کيس تسلي ڏيڻ لڳس ته آخر مان وعدو ڪري ويٺو آهيان ضرور پاريندس يران شهر جتي نڪاران ٿو دنيا جي دوري تي ۽ ڳوليان ٿو اهڙا و !هوء پريشان ٿي پاڻ کي هلڪان نه ڪري

بيوقوفن کي بيوقوف بڻائيندڙ هجن، ڇا ڪريان ٽاارگٽ ڪلنگ ٿيندي هجي، ڍونگي نون نون ڍنگن سان هي جن هجن يا انسان. اوالد ته سڀني کي پيارو هوندو آهي

.پوء ا

پر خبر نه هئي ته دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ڳوليان، هندستان، پاڪستان ۽ بنگال ديش جي ته مونکي خبر هئي ڊپ هو ته متان عاشق جي جنڙي ماء کي اهي ويران شهر نه وڻن ۽ محنت اجائي نه ٿي وڃي پوء به اهي شهر ته

ستاد جو سهارو ورتوته مون پنهن. مٺ ۾ آهن۽ سندس تجربي کي آزمائڻ الء روانو ٿي ويس جي هڪ بزرگ ا

.شهر به هجن ته ڏسان متان انهن مڪن جي شهرن کان عالوهه دنيا ۾ ٻيا ويران ستاد چين

سندس عمر جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ! آهي۾ رهندو جي جهنگن اسان جنن جو اهو ا

هاڻ توهان پاڻ حساب ڪري سگهو ٿا . سندس سامهون پئدا ٿيو هو ٿو ته هن سر زمين تي پهريون ڊائنا سور .ته سندس عمر ڪيتري هوندي

Page 7: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 7

ستاد اسان جنن کي . پيش ايندو آهي ته هن استاد ڏي وڃبو آهيکي ڪو مسئلو ن جنهن به ج ۽ اهو ا

جيئن ته مون سان به اهم مسئلو پيش پيو آئون به پنهنجي .پنهنجي قيمتي مشورن سان نوازيندو رهيو آهيستاد جي خدمت ۾ چين جي جهنگن ڏانهن روانو ٿي ويس

ستاد مونکي . ڪٽنب کان موڪالئي توڪالئي ا

ا

ستاد سان مون نوي سال پهرئين مالقات . وڻ هيٺان ملي ويو جهنگ ۾ هڪها جڳهه هئي جتي ا

هيء ا

ن وقت وڻ هيٺان جيڪو سندس آستانو هو ماني کائي رهيو هو. ڪئي هئيستاد ا

اسان جن هوئن ته بک ۽ . ا

ڃ جا عدي آهيونستاد جهڙي جن کي پنهنجي قوت ۽ توانائي برقرار رکڻ الء ڪ ا

جهه نه ڪجهه کائڻو پر استاد مونکي ڏسي خوش ٿيو ۽ . نانگ بالئون، نيوال ۽ ڇڇوندر وغيرهه پيئڻو پوي ٿو جهڙوڪ

پنهنجي کاڌي ا

.جي پليٽ مون ڀرف به وڌائي ستاد !تون به گرهه ڪڍي کاء ! وٺ ! هان : ا

ستاد : مان !پيٽ ڀريل آ ! مهرباني ا

!ڪڏنهن کاڌئي ! اڇا ( پليٽ پاڻ وٽ ريڙهندي: )استاد !تقريبن ستر سال پهرئين شايد : مان

.ڀال ڏي خبر خير مان اچڻ ٿيوآ! پوء پيٽ ڀريل هوندئي ! ها! ها ( ٽهڪ ڏئي: )استاد ستاد : مان

!هڪ مسئلو کڻي پيش ٿيو آهيان ! جي ا

ڇا اهي بيماريون هاڻ !جو توسان به انسانن وانگر مسئال پئدا ٿا ٿين ! ڪهڙي قسم جو جن آهين تون : استاد !جنن ۾ به پئجي رهيون آهن

ستاد : مان !گمڀير صورتحال پئدا ٿي وئي آهي ! بس ا

ستاد !بيان ڪندو وڃ تيسين آئون هي ازدهي جو جوس پي وٺان ٿو! ٺيڪ آ ! ٺيڪ آ : ا

ستاد جوس نڙيء مان ڳڙڪائيندو رهيو ۽ مون کيس پاڻ سان بيتي ۽ ڌيء جي ساهرن جي سموري روئداد ا

!ٻڌائڻ لڳس ستاد هاڻ اهو معاملو آهي : مان

ڍيٽ جنڙي ماء جي فرمائش ڪيئن پوري تون ئي ٻڌاء مان ان ضدي ۽ ! ته ا!مونکي ڪهڙي خبر ته ڪهڙا ڪهڙا شهر ويران ٿيندا وڃن ! ڪريان

!ته مون کان ڇا گهرجئي : استاد ستاد : مان

رو آهين ! چيم نه ا

ڪي نشانيون ٻڌاء ته ان آڌار تي وڃي آئون هن دنيا جا اهڙا ! تون گروئن جو گ

!شهر کنگهاليان ۽ مهنجي ڌيء جي ساهرن جي فرمائش پوري ڪريان ستاد منهنجي ڳالهه ٻڌي سوچڻ ۾ لڳي ويو ۽ سالن کان پوء سوچ مان نڪري

!چوڻ لڳوڪن ۾ ڪجهه ا

ستاد ڃي پنهنجي قسمت آزماءو! وڃ مورک وڃ ! هي چار نشانيون اٿئي : ا

ستاد جي چرنن کي چميم ! مان خوشيء مان نه پئي ماپس !۽ فضا ۾ پرواز ٿي ويس ! اڳيان وڌي ا

هن شهر ۾ انسانن جي روپ ۾ گهمندو ! شهر ۾ موجود هوس هڪ شاندار دنياء عظيم جي مان هن وقت

ڪيڏيون نه ! ورت روڊ ۽ رستا ٺهريل هئا شهر کي ڏسي منهنجو دل بهار بهار پئي ٿيو ڇا ته خوبص! رهيس ماڻهن !لڳيو پئي ته امريڪا جي شهر نيويارڪ جي عالئقي منهٽن ۾ هوس ! وڏيون وڏيون عمارتون هيون

خوبصورت ڇوڪريون ائين پئي ۾ جي چهرن تي تازگي ۽ مسڪراهٽ هئي اسڪرٽ ۽ ٽائيٽ ٽي شرٽ

Page 8: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 8

ل پيا ٽڙنڻ ته ڄگهميون ڦريون ڪي اهڙا آثار به ! ڪ مڪمل طرح سان آباد شهر هو هي ه. بهار جا گ

مان شهر جو سير ڪندي نيشنل !ڳولي نه پئي سگهيس ته ڪو هي شهر غير آباد ۽ ويران ٿيڻ وارو هو هڪ ٻار جي هٿ ۾ چپس جو !ڏڪر راند پئي ڪئي گليهتي ٻارن جي جٿن پاڻ ۾ ! پارڪ هلي ويس

جڏنهن اهو پيڪٽ خالي ڪري چڪو !رهيو هو هڪ وڏو پيڪٽ هو ۽ هو کڙکڙاهٽ سان چپس کائيسندس اها پريشاني ڏسي سندس ٻيو دوست ويجهو آيو ۽ ! ته هو پريشان ٿي هيڏانه هوڏانهن ڏسڻ لڳو هو

!سندس پريشانيء جو سبب پڇڻ لڳس !پريشان پيو لڳين ! ڇا ڳالهه آهي ڊيوڊ : دوست

!ڦٽو ڪريان ريپر ي هي خاليي ڪونه پيو ڏسجي جتيار ويجهو ڪو ڊسٽ بن ئ: ڊيوڊ ! او هو ڏس سامهون : دوست

!ٿينڪس ! اوهه : ڊيوڊ ن ڊسٽ بن ۾ وجهي واپس اچي دوستن سان گلي ڏڪر ريپر اهو ٻار پنهنجي چپس جو خالي

.کيلڏڻ لڳو ا

۽ پوء پارڪ مان ٻاهر! مان گهڻي وقت تائين انهن ٻارن کي نيشنل پارڪ ۾ کيڏندو ڏسي سوچي رهيو هوس !نڪري آيس

مون ڏٺو ته ان بس اسٽاپ تي صرف ٽي !هاڻ مان بروڪلن عالئقي ۾ هڪ بس اسٽاپ تي بيٺو هوس

هي هڪ سڌي الئين ڪري بس جي انتظار ۾ بيٺا هئا ! ماڻهون هئا ن ! بس آئي !حيرت سان ڏٺم تي ا

ا

مان اڳيان الئين ۾ لڳل ٻه انهن ٽنهين ماڻهن ! ۾ڪوبه ماڻهو بيٺل ڪونه هو صرف ٻه سيٽون خالي هيون ماڻهون آرام سا وڃي بس ۾ ويهي رهيا بس روانون ٿي وئي ۽ ٽيو شخص ٻي بس جي انتظار ۾ بيٺو ڏٺم جنهن

!پويان اچي هاڻ چوٿين الئين ٺاهي هئي

کيس ! مان بوريت محسوس ڪري اڳتي وڌڻ لڳس اوچتو هڪ نازڪ ڇوڪريء سان ٽڪراء ٿي پيم ڇوڪري هيٺ جهڪي ڪتاب کڻندي ل ڪتاب پٽ تي ڪري پياڌڪ لڳو، سندس هٿ ۾ پي

!مان توهان کي ايندي ڏسي نه سگهي هيس ! غلطي منهنجي هئي ! سوري سر : ڇوڪري توکي ڌڪ به ! هيڏو سارو مڻ جو ماڻهون توسان ٽڪرايو آهيان ! ساري ته مونکي ڪرڻ گهرجي ٻچا : مان

!لڳو هوندو ! و ڪهڙو قصور ان مان اوهانج! نه سر : ڇوڪري

! جنهن تي هن گهڻائي ڀيرا مهربا ني! ۾ مدد ڪرڻ لڳس مان به هيٺ جهڪي سندس ڪتاب کڻڻ .ڪئي! مهرباني

ستاد جي ٻڌايل نشانين مان ڪا به هڪ ست سمنڊ پار ڪري هتي پهتو هوس پر ! مان وري سوچڻ لڳس ا

۽ ويران هي آباد شهر آثار قديمه بڻبوڪو چئي نه پئي سگهيس ته عنقريب ! نشاني هن شهر تي ڪانه ڏٺم !ٿيندو

!منهنجي نظر هڪ موٽر سائيڪل سوار ڏانهن وڌي جيڪو اوچتو سلپ ٿي ڪري پيو هو ! هلندو ويس

Page 9: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 9

هن ! هئا هن ڪجهه چيو پئي االهي ماڻهون سندس چوڌاري ڦري ويا !کيس ڪرندي ڪافي زخم رسا هئاهو جن ٿي ڪري

ته آئون سمجهي رهيو هوس پر شايد ٻيا ماڻهون سندس ٻولي جيڪو ڪجهه چيو پئي ا! ڪونه سمجهي رهيا هئا

!ڇا پيو چوڻ چاهي ! االهي ويچارو ڪهڙي ٻوليء ۾ پيو ڳالهائي : هڪ !جلدي ايمبيولنس گهراء! تون هيئن ڪر ! کيس گهڻا زخم رسيا آهن ! آهي ته انسان نه ! ٻوليء کي ڇڏ : ٻيو

!س اچي پهتي ۽ کيس کڻي ويجهي هاسپيٽل هلي وئي منٽن ۾ ايميولن

ڇو جو هن شهر مٿان مستقبل ۾ ڪي به تباهيء ۽ !مان هن شهر مان تقريبن مايوس ٿي چڪو هوس ستاد محترم جون ڪن ۾ ٻڌايل نشانيون هتي ڪونه لڀيون ! برباديء جا آثار مونکي ملي نه سگهيا

پوء بد !ا

!پرواز ڪري نڪري آيس دل ٿي مان هن شهر مان به

س پئي وجلسا ۽ جلحڪومت خالف ڪنهنڳالهه تي هاڻ مان هڪ اهڙي شهر ۾ هوس جتي ماڻهن ميد لڳائي ! صورت حال اها هئي ته هڪ طرف ٽريفڪ پئي هلي ته پاسي کان جلوس !ڪڍيا

مان ٿورڙي ا

! هه و برباد ۽ ويران ٿي ويندوجيڪو عنقريب تبا شهر هوندو آباد ويهي رهيس ته هي يقينن منهنجو گهربلمون سمجهيو ته هي جلوس ڀڃ ڊاهه ڪندو، ماڻهن جي دڪانن، گاڏين ۽ ملڪيتن کي باهه ڏيندو ، لٽ مار

ستاد جي ڏنل نشانين مان ضرور ڪا هڪ نشاني هتي ملندي ڪندوهي ! پر ڇا اهڙو ڪجهه به نه ٿيو ! ۽ ا

ماڻهون ! ٽريفڪ روان هئي !ڪ جلسي ۾ تبديل ٿي ويو جلوس آرام سان هلندو هائيڊ پارڪ ۾ پهچي هليون پيون هيون ! پنهنجي پنهنجي ڪرتن ۾ مشغول هئا

پوء مان شرم کان !دڪان ۽ مارڪيٽون ک

!يو روڊ وٺي اڳيان وڌي ويس پنهنجو منهن ٻوساري ٻ ها گاڏي !ڪجهه دير ڪراس ڪرڻ کان پوء هڪ گاڏي مونکي ڪراس ڪندي اھيان وڃي بهي رهي

ا

لن جو دڪان لن جو دڪان هو، خوبصورت سليقي سان سينگاريل تازن گ

هو گ

! جتي وڃي ڀيٺي هئي ا

!دڪاندار کيس ڏسي ٻاهر نڪري آيو! ۽ دڪان طرف وڃڻ لڳو گاڏيء مان هڪ ماڻهون لٿو !هيلو پرائيم منسٽر : دڪاندار

!هيلو ( ساڻس هٿ مالئي شيڪ ڪندي): پرائيم منسٽر ن وقت خبر پيم ته آئون جنهن شهر ۾ آهيان اهو برطانيا جو شهر لنڊن هو

تي جو پرائيم منسٽر ! ا

هي شخص ا

ل خريد ڪرڻ آيو هو اڳيان پويان ڏٺم ته ! مون اچرج ۾ ڪجهه دير کيس ڏسڻ ۾ بهي رهيس ! هو ۽ گ

پير زور سان ڪنهن به ٽريفڪ ڪانسٽيبل کيس ڏسي پنهنجو! ڪابه سيڪيورٽي وغيره ڪانه هئي اڳڀرو البته اشارن سان سندس گاڏي نوپارڪنگ ايريان کان! زمين تي وهائي کيس سلوٽ ڪونه ڪيو

!بهارڻ جوحڪم ڏنو هو روء مونکي ٽارڻ الء ! سوچڻ ۾ پئجي ويس ته ڇا! مان پريشان ٿي ويس

هاڻ االئي منهنجي ۽ ٻين جنن جي گ

مونکي هڪ شهر به ڳولڻ جي ڪاميابي ! هن دنيا ۾ اهڙا شهر به آهنيا وقعي !اهڙيون نشانيون ٻڌايون هيون پنهنجي پاڪستان ڏانهن پوء مان اهو شهر به ڇڏي مان پوري دنيا عرب و عجم ڳولي ويٺس ڪانه ملي

!مهو پرواز ٿي ويس

Page 10: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 10

جيڪو ڪنهن زماني ۾ شانتي ، امن ۽ سک جو هڪ اهڙي شهر ۾ هوس پنهنجي پراڻي ديس جي هاڻ مان ۽ ، بيگهر پوري دنيا جا واندا ! هو اچي ٿيو گهڻو آبادهن وقت جيڪو .مهڪندڙ شهر هو۽ روشن ۽ چمڪندڙ

، موٽر سائيڪلون ۽ چنچيون هتي هر طرف ڊوڙندڙ ڊڪندڙ گاڏيون هن وقت ! بيروزگار هتي اچي آباد ٿيا هئا !عاليشان عمارتن سان بهترين پارڪ به هئا !هيون روڊن تي پکيڙ ڪري

مان مسجدن مان چوري ٿيل جي روڊن تي لڳل گاڏن به لنڊي بازار مان جينس ۽ ٽي شرٽ ۽ صدر آئونپوء

مونکي ڏسي ڪوبه اهو نٿي ! ڀري اچي بيٺسروپ ومقامي ماڻهن ج !جوتا خريد ڪري ٻاهرئي ڪولٽيءمون !و آهيان مان ڪو جن آهيان ۽ سائبيريا يا ڪوهه ڪاف مان نڪري هتي پهت! چئي سگهيو ته

پهرئين شهر جا هنگاما پرور ۽ پر رونڪ ڀانت ڀانت لڏ پالڻ تحت وسيل شاندار فيصلو ڪيو ته پهرئين هن !پوء وڃي شهر جي سير ڪندس ! پارڪ گهمندس

!جنهن سان پارڪ جي گيٽ تي ئي منهجو ٽڪر ٿي پيو هو !شايد يا ته آئون جلديء ۾ هوس يا هوء عورت

پهرئين ته مون ! وڌ ڳالهائڻ شروع ڪيو ٻئي هٿ ناچڻين وانگر مٿي ڪري مون کي گهٽ هن پنهنجاهن نه ! لکنوء جي ادائن سان پئي نوازي پر جو مون لفظن تي غور ڪيو ته اهلل جي پناهه سمجهيو ته شايد

! بس شروع ٿي وئي! ڇڏي هئي منهني ماء نه ڀيڻ !جو وتندو نا محرم عورتن سان ٽڪرائيندو ! نهين ڇا ماڻهين ڀيڻهين ڪا! انڌا ڪٿي جا : عورت

!بس اتفاق سان ٽڪرجي پيا سون ! ڀيڻ معاف ڪجئين : مان هل !پڪڙجي وئين ته هاڻ ڀيڻ ! خوب سمجهان ٿي تنهنجي حرڪتن کي !عورت ؛ هاڻ مونکي ٿو پڙهائين

!ڪچو کائي وينديم ڇا ! ٽر به هاڻ

ستاد محترم جي هڪ نشاني پوري ٿيڻ واري هئي !ي ويون منهنجون ته واڇون ئي ٽڙ! واهه زندهه آباد ! ا

ستاد رو گهنٽال هجي ته اهڙو ! ا

مان مائيء کان جان ڇڏائڻ الء پارڪ ۾ اندر داخل ٿي بهرحال !پير فقير گ

!يا عالء الدين فلحال ياد نه پيو اچيمشايد ڪراچيء جو سفاري پارڪ هو ! ويس

هو ! کائي رهيو هو هوڏانهن پئي ڦريا، سامهون هڪ ڇٻر تي هڪ ڪٽنب چادر وڇائي ماني ٻار هيڏانهن ن، پنهنجي چوڌاري فروٽ جي کلن، خالي بوتلن، جوس جي دٻن ۽ ريپرس کي فالئنگ ساسر وانگر اڳيان پويا

ڇالئي رهيا هئا منتقي انجام تي منهنجي ڳوال پنهنجي! منهنجي اکين ۾ خوشيء جا لڙڪ تري آيا هئا !ا

!مي پارڪ مان ٻاهر نڪري آيساعوٺيڪي تي وڪيل نه ماپندو ان مان خوشيء ۾ پهچي رهي هئي

ٽ پاٿ تي بيتيل واقعا ۽ حالتودنيا ۾ ڏٺل ۽ شايد ن هتي به دهرائجڻ لڳيون هيون ڇو جو پارڪ کان ٻاهر ف

ڪي ماڻهون ! ڇيڙيون هڻي رهيو هو ڪريل هئي ۽ هو سامهون پنهنجي ٽنگن کي هڪ ماڻهوء جي بائيڪاالئي ڪهڙي قسم جا انسان ! کيس چوڌاري ورئي ته ويا هوا پر مدد الء نه بس کيس تڙپندو ڏسي رهيا هئا

!مونکان رهيو نه ٿيو ۽ آئون اڳيان وڌي هڪ کان پڇڻ لڳس ! هئا يا ڪا ٻي مخلوق

Page 11: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 11

سور ۾ ! ڏسو نه پيا ڪيترو زخمي آهي !ال ته پهچارايو هن ويچاري کي کڻي اسپت! ڏسو ڇا پيا ! او ڀائو : آئون !تڙپي پيو ويچارو

هي اسانجي زبان وارو ! تو ڏسين نه پيو !اسان تي ڪهڙي پڳ پئي آهي جو کيس اسپتال پهچايون ! ڇو : بيٺل !ڄٽ ، بلوچيا هوندو ڪو سنڌي !ڪو پٺاڻ ٿو لڳي ! ڪونهين

!نهته انسان آهي! بان جو ڪونهينجي توهان جي ز !ابا ڇا ٿيو : آئون منهجي قوم ۽ زبان جو هجي ها ته پوء ٻي ڳالهه !ڪريئين نه ٽي ٽيء سان پورو ! گهڻو فلسفو نه جهاڙ : بيٺل

!هڪ ته ختم ٿيو ! هي ته هتي اچي اسان مٿان معاشي حملو ڪرڻ آيو هو! آ

شايد هن کي ! ذات الء ڪونه پئي سوچيم پنهنجي ! جن هوندي به مان هن شخص وانگر بيرحم ڪونه هوسمونکي تڙپڻ پوء ! اسان جنن اهو منظر ڏٺو هو! وسري ويو هو ته ڪنهن زماني ۾ هو به هتي پناهه وٺڻ آيو هو

مون کيس سهارو ڏيڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته انبوهه مان هڪ ماڻهوء جي !واري تي ڪهل پئي آئي !چيخڻ جو آواز آيو

ڪا دهشت گرد ڪاروائي !۽ سندس زبان وارو به! ان جو ساٿي آهي به لڳي ٿو ته هي !ڪريو اڙي وارو : آواز !ڪرڻ آيا هوندا نڌ فائر ٿيڻ لڳا، رش هٽڻ لڳي ۽ پوء هر پاسي کان

ڊوڙي وڃي پناهه گاهن ۾ پاڻ هرڪو ٽي ٽيء جا انڌا ڌ

مان اڪيلو ۽ اهو زمي وڃي بچياسون پوء ته ! لڳو لڪائڻ ۽ بچائڻ ڪون منهجو مقدر بڻجي ويا ٿ

هاڻ !ڏا، ٿ

اسانکي جنن مان انسان بڻجڻ ۾ دير ڪانه ! مان توهان کي هتي جنن جي هڪ مجبوري به ٻڌائيندو هالن جڏنهن اسان واپس انسانن جو روپ ڇڏي جن بڻجڻ چاهيندا آهيون ته ان پروسيسنگ ۾ ! لڳندي آهي پر

هو ئي سبب هو جو مان مار کائيندو رهيس ۽ پنهنجو ا !گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪالڪ ضرور لڳندو آهي مونکي اڌ مئو ڪري ڇڏي هئي ۽ هنن منهنجي چڱي نموني مرمت ڪري! دفاع به نه ڪري سگهيس

ن کان وڌيڪ گهڻي خوشي . هليا ويا هئاخير منهنجي جان بچي وئي هئي مونکي افسوس به ٿي رهيو هو پر ا

رو جن جي گهٽ ۾ گههوش ۾ آيس ۽ آئون ڊوڙي جان !ٽ هڪ نشاني ته پوري ٿيڻ واري هئي ته مهنجي گ

۽ !بچائڻ لڳس، هو جيڪي مونکي مئو سمجهي ڇڏي ويا هئا مونکي ڊوڙندو ڏسي منهنجي پويان ڊوڙندا آياڪٿي به موقعو نه ملي سگهيو ته آئون ڪالڪ جو وقت وٺي وري انسان مان جن ٿيڻ جو جاپ ڪري

!وٺان

!۽ مونکي روڪڻ لڳا ڙندي هڪ مصيبت مان مس جان ڇٽي پويان پوليس جي ڊاٽسن اچي پهتيڊوڙندي ڊو !ڪٿي بم فٽ ڪري آيو آهين ڇا ! ڪيڏانهن پئي ڀڄندو وئين ! اڙي : پوليس

!مان ته ويچارو هڪ غريب جن آهيان ! نه سرڪار ! هٿ ٻڌي : آئون هڪ ته صاب اسانکي ! به دادوء جي پوليس کي اهو! اڙي چريو سمجهيو اٿئي ! بڪواس نه ڪر : پوليس

ٿاري گشت تي موڪليو آهي ٻيو تون چٿرون ٿو ڪرين ڀو ٿي بيهه ته سموريون ! پتي راند مان ا

هڪ پاسي ا

!ڪسرون تو مان نه ڪڍون !منهنجو ڏوهه ته ٻڌايو ! پر سرڪار : آئون

Page 12: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 12

ٿيو ۽ مونکي هڪ چماٽ وهائي!ڪڇيائين هڪ پنجابي يا سرائڪي سپاهي ا

!سائيڊ ڦڙ ڪي کلوجا ! اوئي کوتي دا پتر: سپاهي ان الء رستو بند ڪيو اٿئون انڌا ڏسين نه پيو ته پوري ! ابا ايس پي صاحب جي سواري پئي اچي : پوليس

!ٽريفڪ بند آ

هو ملڪ ياد اچڻ لڳو جنهنجو وزير اعظم ل خريد ڪرڻ ويو هو ته اڪيلو هو نه ڪنهن ان المونکي ا

ء گ

ستاد محترم گروء ! ٽريفڪ روڪي هئي نه ڪو ٻيو پروٽوڪول هوبظاهر ته اهو سڀ خراب پئي لڳم پر ا

هڪ شخص روڊ ڪراس ڪرڻ الء ڊوڙيو پئي ته کيس پڪڙيو !کي ياد ڪري خوش به ٿي رهيو هوس !ويو

!اڙي ڪيڏانهن پئي ڊوڙ لڳايئي : پوليس ن الء سامهون اسٽور مان دوا وٺڻ پئي ويس سائين منهنجي ڌيء بيمار آهي مان: شخص

ذرڻ واري آهي :پوليس !خبر ڪانه ٿئي ته ٿوڙي دير کان پوء هتان ڪنهنجي سواري گ

مونکي هر حال ۾ روڊ ڪراس ڪري !پر منهنجي نينگري گهڻي بيمار آهي ! سائين خبر آهي : شخص !سامهون ميڊيڪل اسٽور تان دوائون وٺڻيون آهن

ن ۾ ويٺل صوبيدار واري سيٽي وڄائي هڪ پوليس موبائل اچي ڀرسان بيٺي پوليسا

!ڇا ڳالهه آهي جمن : صوبيدار متان چئو ته دادوء جي ! صاحب هي ماڻهون روڊ ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو : سپاهي

!پوليس خبردار ڪانهين !کنڀي وجهيس پويان موبائل ۾ : صوبيدا ر

جي انسان هجان ها ته چوان ها ته منهنجي انسانيت بيدار ٿي وئي ! بيدار ٿي ويو ڻ پ و جن انهيء وقت منهنج

! مون اڳيان وڌي هن بيمار ڇوڪريء جي پيء جي حمايت ڪئي !هئي ! آئون به هڪ ڌيء جو پيء آهيان سمجهان ٿو ! ويچاري جي ڌيء بيمار آهي ! وڃڻ ڏيوس صاحب : آئون

!ڌيء جو درد سمجهو ئي نٿا ! پٽن وارا آهيو ڳوتوهان شيد ر هن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته اسانجو ايس پي ! پڪ هي به ڪو مشقوق ماڻهون آهي ! صاحب : سپاهي

ذرڻ وارو آهي !متان سمجهو ته دادوء جي پوليس ! گ

!۾ پوء وجهوس هن کي به کنڀي پوليس موبائل! هون ( مونکي هيٺان مٿان ڏسي: )صوبيدار لهي پيٽ وارا سپاهي مٿان اچي ڪڙڪيا

هاڻ مان به ايترو ته ڪمزور بس دير ئي ڪانه ٿي ٽي چار ٿلهن !پڄي نه سگهان ها ڪونه هوس نه ته انهن سان

روء کان سکيل فن استعمال ڪيو ۽ ٻن ٽن ٿ

مون گ

اچي پهتي ۽ مون بس پوء ته پوري پوليس فورس !سهڪندڙن سپاهين کي ڪٽي زمين تي سمهاري ڇڏيو مٿان اچي ڪڙڪي مون الء بس اها مصيبت هئي جو اهو ڪالڪ جو وقت نه پئي ملي سگهيو جنهن ۾

!جان ئي نه پئي ڇڏي به پوليس وارن !بس پوء کڻي ڊوڙ پاتم !آئون انسان جو روپ ڇڏي وري جن ٿي پوان ها!در وڃي لڪي ويهي رهيس ڊوڙندي ڊوڙندي هڪ مسجد ڏٺم ۽ ان !۽ پويان ڊوڙندا پئي آيا

Page 13: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 13

منهنجي بدحواسي ڏسي ! مسجد جي اڱڻ ۾ ست اٺ مولوي ويٺا هئا جيڪي درس و تدريس ۾ مصروف هئا !مون وٽ آيا

!ڪٿان پيو اچين سهڪندو سهڪندو ! ڇا ٿيو : مولوي !مان هن وقت مصيبت ۾ آهيان !مونکي پناهه ڏيو ! پليز مولوي صاحب : آئون !جو آهين ۽ مسلڪ فرقي ،ڙي مذهب ڪه: ولوي ٻيو م !بس آئون انسان آهيان توهان جهڙو ! سائين مونکي مسلڪ ٻسلڪ جي خبر ڪانهين : آئون

!ڪافر ڪٿي جو ! واڻيون آ! پڪ هي ديوان آ :ٽيو مولوي !سائين نه مان ڪافر آهيان نه ڪنهن فرقي جو هڪ انسان آهيان : آئون

!ڪهڙو فرقو آ تنهنجو! سلڪ ڇو نٿو ٻڌائين انسان آهين ته پنهنجو م: مولوي ۽ پناهه ! چيم نه آئون هڪ انسان آهيان ! هي مونکي توهان ڪهڙن چڪرن ۾ پيا منجهايو ! سائين : آئون

!وٺڻ آيو آهيان ! اسرائيل مان آيو هوندو يا عيسائي آهي ! يا يهودي آهي ! انڊيا مان آيو هوندو ! پڪ هي ڪافر آهي : سڀ

اسانجي مسجد ۾ گهڙي ناپاڪ !جهليوس نه ويو آ ! هتي تخريبڪاري ڪرڻ ! ان يو هوندو امريڪا م!هاڻ مسجد کي ستن پاڻين مانڌوئڻو پوندو ! ڪري ڇڏيو اٿس

ائين پئي لڳو ته آئون رڳو مار !مونکي ڪٽڻ لڳا سڀ گڏجي بس پوء سڀني مدرسي جي شاگردن کي سڏايو ۽

ٻاهر !۽ مسجد مان ٻاهر نڪري آيس ! ويس مان اها مار به سهي !يو هوس بڻانسان جنن مان کائڻ الء ئي ! هڪ عجيب تماشو لڳل هو ! نڪتس ته هڪ عجيب هنگامون لڳو پيو هو

بانس جا ڏنڊا ي تاب ڏنڊا بردار ک

يا آمريڪا ۽ برطانيا جا جهنڊا پئي سڙ! گاڏين کي باهيون پئي لڳيايون ويون ! کڻي دڪانن کي ٽوڙي رهيا هئا ن کي باهيون پئي ڏنيون ويون !

مان . هر طرف افرا تفري مچيل هئيغرض ته ! اوباما ۽ بش جا بت ٺاهي ا

کن کي ويساري انهن ماڻهن جي حرڪتن کي ڏسڻ ۾ مهو ٿي ويس وڏا دلير ۽ پرجوش ماڻهون هئا !پنهنجي ڏ

ٽن کي مسجدن ۾ پناهه جي بهاني پيو نعرا لڳي رهيا هئا ته امريڪا هاڻ پنهنجن ايج! پر ڪاوڙ ۾ ڀريل ! !ٻ جوشيال نوجوان ڪنهن غريب جي ٺيلي کي باهه ڏئي ساڙي رهيا هئا !موڪلي ۽ ناپاڪ ڪري

!ايتري مار کائڻ کان پوء به اڳتي وڌي انهن نوجوانن ڏي ويس ! مونکا ڀال رهيو ڪٿي ٿيندو آ !ء ۾ گهڙي! ايڏو سارو هنگامون ! ڇا مسئلو آ ! ڀائرو : آئون

!توکي خبر ڪانهين ( ڪاوڙ ۾ ڏسي: )هڪ !قسم سان مونکي خبر ڪانهين ! نه ادا : آئون ستاخ رسول ! ڪهڙي دنيا ۾ رهين ٿو : ٻيو

نبي سائين ء جي ( صلي اهلل عليه وسلم)ڊينمارڪ ۾ هڪ گ

ستاخيء جي جراءت ڪئي آهي !شان ۾ گ

ان جو غريبمالڪ ! ڇا هي جيڪو توهان ٺيلو ساڙيو آهي ! ئرئو ڀال ڀا( سوچي! )پوء صحيح آهي ! اڇا : آئون !ڊينمارڪ جو باشندو آهي

!هڪ ؛ نه هشان ۾ ڊينمارڪ جي ماڻهن ڀال جن: آئون

ستاخي ڪئي آهي ا

!مائٽ مٽ يڪ اهن ٺيلي واري ج! يگ

Page 14: هڪ جِنَ جي ڊائري A Sindhi GIANT's Biography Who Migrated from Siberia to sindh Before 7000 BC

Writer : Abdul Razzaque Memon (All Rights of this script are Reserved Under Copy Write Act) Contact: 0300 2895691 Page 14

ته هن ! مٽي مائٽي ڇاجي ! لي وارو ڪٿي ڊينمارڪ واري ۽ ڪٿي هي جاهل ٺي! چريو ڇيو آهين ڇا : ٻيو !ڊينمارڪ جو نالو به ڪونه ٻڌو هوندو

يو اڙته پوء هن جو ٺيلو ڇو سا :آئون !و ٿ

!آواز آيوهڪ پريان

!ماريوس ! ماريوس ! ايجنٽ آهي ! يهودي آهييا ! ايجنٽ آهي ڪو پڪ هي به يهودين جو : آواز

! پوء به آئون اتان به ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس ! مارا ماري شروع ٿي وئي ندفعو وري مون مٿاهڪ آن !هو جتي هر طرف سناٽو ئي سناٽو لڳو پيو! ۾ پهتس ميدانخالي هن ڀيري آئون شهر ڇڏي وڃي ڪنهن

رصت به ! ميدان تي االهي وڻ پوکيل هئا مان هڪ وڻ جي پاڙ ۾ وڃي ساهه کڻڻ لڳس هاڻ مونکي ٿوري ف

مان هتي آرام سان ويهي ٻيهر روپ بدالئي انسان مان جن بڻجڻ جو جاپ ڪرڻ لڳي ملي چڪي هئي !ويس، پروسيسنگ ۾ ڪالڪ کن لڳڻو هو

جنهن ويران شهرن ڳولڻ جو شرط هڻي منهنجي ! هاڻ پنهنجي ڌيء جي سس جنڙيء وٽ ويٺو هوس ان م

! ڀري هئي ڌيء جي پنهنجي جنڙي سان شادي ڪرائڻ جي حامي !جهيز واري شرط جو پوء ڇا ٿيو ! ها ادا : جنڙي

آئون! تو ڏهن ويران شهرن جي ڳالهه ڪئي هئي ! آگسٽ تائين انتظار ڪر 41بس ! ڀاٺائي جنڙي : مان !آگسٽ تائين چاليهه ويران شهر ڏئي ڇڏيندس پنهنجي ڌيء کي جهيز ۾

دنيا جو ڀال اهڙو ڪهڙو ملڪ آهي جيڪو ! اهو وري ڪيئن ( ۽ بيچينيء سان يخوش ٿيند: )جنڙي ! ين تباهه و برباد ۽ ويران ٿيڻ وارو آهي آگسٽ تائ

جنهن جي آزاديء الء ! جنهن کي هڪ خاص نظرئي تحت حاصل ڪيو ويو هو ! هڪ اهڙو ملڪ : آئون هي ساڳيا ماڻهون ! ن جيء ۾ جايون ڏنيون هيوپنهنجي سنڌ جي ماڻهن لکين پناهگيرن کي

جن کي ! پر هاڻ ا

ء پاڻ ئي پاڻ هن ملڪ کي تباهي! هڪ آزاد اسالمي رياست گهربي هئي ! پناهه گهربي هئي ! امن گهربو هو !طرف ڌڪيلي رهيا آهن

! جي ڪري ته اها ناممڪن آهي پر 6آرٽيڪل ! نه نه اهو مشڪل آهي هاڻ ! معني وري مارشال: جنڙي متان !ڪوششون هلن پيون ها پر ! ر ڪٽهڙي ۾ ضرور ايندو ءت ڪئي به ته مشرف وانگاجي ڪنهن جر

پوء پڪ اهو عمران خان يا طاهر القادري هوندو ! ائين نه !وڃي ڦوٽ وڌي پئي سياستدانن ۾ ڦڙ! داء لڳي وڃي ! پويان يا ڪا لساني تنظيم!

!سگهي ٿو پر پويان مشن ٻين جي هٿ ۾ آهي ٿي به: آئون !جيئن آء جي آء ٺهي هئي : جنڙي !نه مشڪل ۽ ناممڪن چيم: آئون

لي ڇو نٿو ٻڌائين : جنڙي !مشرف جو ڪمايل پئسو ۽ شيخ رشيد !ڀال !تو پوء ادا ک

اسان آگسٽ جي انتظار ۾ آهيون ته پوء ان ويران ملڪ کي پنهنجي جنڙيء ۽ جنڙي گهوٽ ڪنوار کي هاڻ ( .پڄاڻي ! )دعوت عام آهي ! ر اچجو توهان به دعوت تي ضرو! جهيز ۾ ڏئي ڇڏيون