گُلو ان ڪراچي

20
WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 1 سولو اسڪرين پلي گلو پٽ ان ڪراچيا ۽ منظر ڪشي ڪالمُ تحرير ، ميمڻ عبدالرزاق م پهريون سينٽرئشي ڪوارن جو ڪو رهاڻو ۽ ا منظر : پوليس ٿا ڙيل هڪُ ن سان جربو ۽ ا ويٺل ڏيکا کين ۾ هڪ سپاهي جو ٿاڻو جنه اسٽيشن پوليس سچلليس وارا پٽ سميعت چار پو سينيئر ، جمعدار ۽ ٻن اصغر ايس آهن ۾ ايٽر جنئشي ڪوار رها. کيڏڻ وارن رهيا آهن مزو وٺييٺل راند جو پٺيان وهن جي نُ ان ته ٻيا تاش پيا ره ماري تي پلٿيچتوهران اوچن. ٻاظر پيون اگيل ن ۾ ٽن تي ٽنگڻيرديون ڀتڳل و ۽ پٽيون ل لُ جون گ سپاهينب خان ُ خبر نما سپاهي گُ ٽ پاتل م سان ۽ هيلم ڇنُ ڏنل من ڊريس ۾، وڏين تالي هڪ سوينڍو ڪڇ ۾ ڪري ٿو. نهي جو هيلمٽ ر داخل ٿئي ٿو ۽ پنهٽر ۾اند ڪوار) ٽُ لو پُ گ( رفُ عندي آس ڀري ڏسي اصغر کيس صوبيدار ٿي آهي.ت ئي ڪانه واردان ته ڪان ٿيا آه ڏينه لو پٽ ڪا خبر! ڪيُ اصغر : ڏي گ

Category:

Entertainment & Humor


9 download

DESCRIPTION

SOLO SCREEN PLAY in Sindhi Language (GULLO PUT) Comedy, Tragedy, Suspense, Crime, Teamwork, Responsibility & Future Expectations.

TRANSCRIPT

Page 1: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 1

پلي اسڪرينسولو

گلو پٽ ان ڪراچي تحرير ، مڪالما ۽ منظر ڪشي

عبدالرزاق ميمڻ

سين پهريون

منظر : پوليس ٿاڻو ۽ ان جو ڪو رهائشي ڪوارٽرسچل پوليس اسٽيشن جو ٿاڻو جنهن ۾ هڪ سپاهيء کي ويٺل ڏيکاربو ۽ ان سان جڙيل هڪ رهائشي ڪوارٽر جنهن ۾ اي ايس آء اصغر ، جمعدار ۽ ٻن سينيئر سميعت چار پوليس وارا پٽ نهن جي پٺيان ويٺل راند جو مزو وٺي رهيا آهن. کيڏڻ وارن

تي پلٿي ماري تاش پيا رهن ته ٻيا ا

ل ۽ پٽيون لڳل ورديون ڀت تي ٽنگڻيء ۾ ٽنگيل نظر پيون اچن. ٻاهران اوچتو سپاهين جون گ

الب خان هڪ سويلين ڊريس ۾، وڏين تاء ڏنل مڇن سان ۽ هيلمٽ پاتل مخبر نما سپاهي گ

لو پٽ( ڪوارٽر ۾اندر داخل ٿئي ٿو ۽ پنهجو هيلمٽ الهي ڪڇ ۾ ڪري ٿو. ننڍو عرف )گ

صوبيدار اصغر کيس ڏسي آس ڀرينديلو پٽ ڪا خبر! ڪي ڏينهن ٿيا آهن ته ڪا واردات ئي ڪانه ٿي آهي.

اصغر : ڏي گ

Page 2: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 2

لو : )اي ايس آء کي( اصغر بابو! توهانکي ڏسي لڳي ٿو ته واقعي شهر مان وارداتون بلڪل ختم گ

ٿي ويون آهن يا شهر جي ٽارگٽ ڪلرن ۽ بدمعاشن پوليس فورس جوائن ڪري ورتي آهي.جمعدار پيرل اها ڳالهه ٻڌي چهري تي خراب تاثر آڻي ٿو ۽ پٽ تان ماچيس مان تيلي ڪڍي

پنهنجي ڪن کي کوٽيپيرل : هاڻ گهڻي بڪواس ڪرڻ جي ضرورت ڪونهين، وڃ ۽ وڃي پنهنجو مخبريء وارو

ڪم ڪر ڙي ! تهنجو هتي ڇا! ٽرين ٿو يا وري! اصغر ڀرسان ويٺل پيرل کي پٺيء تي هٿ رکي خاموشيء جا اشارا ڏئي آٿت ڪرائي ٿو.لو پٽ ڊي ايس پي صاحب جي پٺ تي پيو ڳالهائي!

اصغر : شانتي! شانتي! پيرل، گ

لو : )سڀني کي مخاطب ٿيندي( سرڪار ! سڄو ٿاڻو خالي ڪري توهان هتي موج مستين ۾ گ

لڳل آهيو! متان پٺيان ڪو دهشت گرد اچي ٿاڻي تي بم نه ڦٽو ڪري وڃيو .لو پٽ! تون ٻڌاء ڀال ڇا ڪريون! واندا ويهي ويهي! مکيون ماريون ڇا!

هڪ سپاهي : گ

ٻيو سپاهي : صاحب کي به دادوء جي پوليس گهربي هئي سو ڪرائي آيو اسانجي ٽرانسفر!اصغر : صحيح ٿو چئين علي !ايس ايڇ او صاحب ه ته پنهنجي ٽرانسفر رڪوائڻ الء پوليس هيڊ

ڪوارٽر ۽ منسٽرن جي جي سفارش ڳولڻ ۾ مصروف آهي! پيرل : ڪڏنهن هڪ وڏيري جي پويان هڪ شهر ۾ ته ڪڏنهن ٻئي وڏيري پويان ٻئي شهر ۾ ۽

اسان هتي ڪوڙڪي ۾ ڦاٿل! بمن، ٽارگٽ ڪلرن ۽ دهشتگردن جي منهن ۾!لو پٽ مان ڇو پيا ڪڍو.

ٽيو سپاهي : اڙي ڇڏيو يار! پنهنجي پوسٽنگ جي ڪاوڙ ، هن ويچاري گ

لو : واردات ! واردات پيا ڪريو نه! چڱو ٻڌو ! هڪ واردات توهان جي منتظر آهي. گ

چارئي پنهنجا هٿ ۾ رکيل پتا زور سان پٽ ٿي ڦٽي ڪن ٿا ۽ سڀئي پريشاني ۽ حيرت ۾ يڪ زبان ٿي دانهن ڪن ٿا سڀئي : ڇا! واردات !

هڪ افراتفري مچي وڃي ٿي، سڀئي تڙ تڪڙ ۾ هڪ ٻئي مٿان ڪرندا، پلٿيون ماريندا، ٽنگڻيء تان پنهنجو ڊريسون کڻي پائين ٿا. )ڪٽ(

سين ٻيو منظر : اي ايس آء اصغر جي آفيس جو ڪمرو

لو پٽ کي ويهارو وڃي ٿو ۽ ٻيا سپاهي وردين ۾ چوڌاري چمچاگيري اصغر جي ڪرسيء تي گ

لوء جو هيلمٽ پيو آهي. ٽيبل تي هڪ ٽنگ پٽ تي ٻي ٽيبل تي ويٺل اصغر انداز ۾، ٽيبل تي گ

لوء کان پڇي ٿو. ڀرسان پيرل ڪجهه لکڻ الء رجسٽر جهلي بيٺو آهي گ

Page 3: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 3

اصغر : ها ته ڪمانڊر ! ٻڌاء ڪهڙي واردات! موبائل سنيچنگ! ڪا موٽر سائيڪل يا ڪار چوري يا ڪو ڊاڪو!

لو لو پٽ کي ڇڪڻ الء ڏي ٿو جنهن کي وٺي گ

هڪ سپاهي کيسي مان سگريٽ ڪڍي گ

لو جي چپن تي پنهنجي چپن تي رکي ٿو ته ٻيو سپاهي جهٽ ماچيس جي دٻي کيسن مان ڳولي گ

لو پٽ وڏا وڏا ڪش هڻندي، هر ڪنهن کي ڏسي ڀرسان بيٺل لڳل سگريٽ کي ٻاري ٿو ۽ گ

سپاهين کي پري هٽائي ۽ پنهنجو ٽنگون پکيڙي ٽيبل تي رکندي

گلو : ٿورڙو واکا ته ٿيو! گرمي کڻي ڪئي اٿو! ڏسو نٿا 34 ڊگري گرمي پد ۾ توهان الء خبرون پيو آڻيان! اڃان توهان جي ڪمانڊ به ڪرڻي اٿم! اڳيان ته آئون ئي ه وندس نه هيلمٽ پائي!لو پٽ پڪ ڪو وڏو معاملو ڪڍي آيو آ! متان ٽارگٽ

پريل : )اصغر کي( ننڍا! لڳي ٿو گ

ڪلنگ يا دهشتگرديء جو نه هجي! لوء جي پويان بيٺل آهن پاسي ڪري ٿو!

سپاهين کي ٻنهين هٿن سان جيڪي گ

لو پٽ سپاهي : )پوئتي هٽندي( ان جو مطلب ٿيو ته نه سهندا دادو پوليس کي! پڪ اڄ گ

وجهندو اسان کي ڪاٺ ۾!ڇالئيندي

سگريٽ جو آخري ڪش ڪڍي سپاهيء طرف ا

لو : اڃان ته امڪان ڪونهين ! بس هڪ شخص کي ڌمڪي ملي آ! گ

پريل : ان ڌمڪيء تي ايڏو ٿر ٿلو وڌو اٿئي ! هيلمٽ پائي!لو بادشاه کي نه چئو! لياري ٽرانسفر نه ٿي وڃئي! ايس پي صاحب جو

سپاهي : جمعدار صاحب! گ الڏلو اٿئي ! خبر اٿئي نه!

لو : جي ان شخص جي حفاظت نه ٿي ته پڪ هتي به هڪ وڏي واردات ڳچيء ۾ پئجي ويندي! گ

پر توهان کي ڇا! توهان کي پتي راند مان واندڪائي ملي نه!ن شخص جي مدد ڪريو! رمضان ۾

سپاهي : )اصغر کي( صاحب دادو وارن تي رحم ڪريو! هلو ا

ڪا نيڪي ته ڪمايو!هو شخص!

لو بادشاه! ڪير آهي ا

اصغر : هون ! ته ڪمانڊر گ

لو : دل مراد. )ورجائي( ڇا هاڻ دل مراد کي به ڪونه سڃاڻو! گ

اصغر : )سوچي ۽ بڙبڙائي ( دل مراد! پريل : اڙي ڪٿي اهو دل مراد ته نه... جيڪو ! )ورجائي( جيڪو!

هوئي دل مراد ! جيڪو مونکان پهرئين ، مهنجي جاء تي لو : ڪنڊو ڇو اٽڪي ويو اٿئي ! ها ! ا

گ

مخبري ڪندو هو ۽ توهان جنهنجي نشاندهيء تي خطرناڪ ٽارگٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ دهشتگرد پڪڙيا هئا.

Page 4: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 4

هڪ سپاهي : پڪ ڪنهن ٽارگٽ ڪلر جي ور چڙهي ويو هوندو! ۽ هن.... ٻيو سپاهي : )ڳالهه ڪٽي دعايه اندز ۾ هٿ مٿي کڻي ڏڪندي ( ج ل تون! جالل تون! آئي آفت!

ٽار تون! اهلل خير ڪجئين ! ڪٿي م نهنجو نالو نه کنيو هجيس! ٽيو سپاهي : معني هيء عيد به تيل ٿي وئي! گهر ڇا کڻي وينداسون! ڊبل سواريء تي پابندي به

نٿي لڳي ته ڪي ڏوڪڙ جوڙي وٺون!اصغر : جوان ! هي جو ٺيلهن وارا جيڪي رمضان ايندي چوڻين قيمت تي وڪرو پيا ڪن ۽ انهن

کان جو هڪ حصو روز جي اوڳاڙي ڪري پيا اچو! پوء به ناشڪري!ن اوڳاڙيء جا تون ۽ جمعدار پريل کنيو وڃن! اسانکي ڇا ڦٻيو!

هڪ سپاهي : ننڍا ! ٽي حصا ته ا

اصغر : ۽ هي جو ايڏو سارو ٿاڻون ٺيڪي تي کنيو اٿئون! پتي ته ڏيئڻي آهي نه نوجوان!لو پٽ هيلميٽ واري ڏي به ڏيو! ته ڇا پيو چوي!

پريل : ننڍا ! ٿورڙو ڌيان ڪمانڊر گ

لوء جو ڪڏنهن کان شيدائي بڻئين! اصغر : اڙي تون وري گ

هڪ سپاهي : اتي رکيس ! ننڍا! اسانکي ته سدائين جمعدار صاحب پٽيون پڙهائيندو رهيو آ ته! لو پاڻ کي رڳو ايڪسپوز ٿو ڪري! مخبري ڄاڻي ئي ڪونه!

گ

ٻيو سپاهي : اڄ ته ڏسوس! گهور گهور پيو وڃي!لو : ڀال مونکي به ڳالهائڻ ڏيندئو يا وڃان وڏي صاحب ڏي!

گ

اصغر : ها ته ڇا ٿيو آ دل مراد کي!گلو : ٽارگٽ ڪلرن ڌمڪي ڏني اٿس! ممڪن آ قتل نه ٿي وڃي! پنهنجي تحفظ جي

ٿي هيلمٽ کڻي پائي( هاڻ مان هالنٿو! )نڪري وڃي ٿو( درخواست ڪئي اٿس! )ا

پيرل : ننڍا! ڪو بلو ڪرڻ گهرجي! خابرو سالمت هوندا ته پنهنجي به روٽي روزي پئي هلندي! سڀئي : )يڪ زبان( ها ننڍا ڳالهه بروبر آ!

سڀئي سوچڻ لڳن ٿا )ڪٽ( سين ٽيون

منظر : ٿاڻي جي ٻاهرانفتگو ننڍو صوبيدار اصغر ۽ جمعدار پريل بيٺل ۽ محو گ

پريل : ننڍا! دل مراد اسانجي ٿاڻي الء پنج سال پورا مخبري ڪئي آهي! اسان سڀني جي ترقيء ۾ هن جي ڪوششن جو حصو هو!

اصغر : پريل سچ ٿو چوين ! ياد اٿم ! جڏنهن تون عام سپاهي، مان جمعدار ۽ ايس ايڇ او صاحب ننڍو صوبيدار هوندو هو!

پريل : پوء االئي ڇا ٿيو هو! جو اوچتو ئي اوچتو! دل مراد نوڪريء تان استعيفا ڏئي ڇڏي!

Page 5: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 5

اصغر ! شادي جو ڪئي هئائين! تڏنهن ته نوڪريء تان استعيفا ڏئي ويو هو!پريل : ننڍا ! پاڻ نه پئي ڇڏيئين! پرجوڻس نوڪري ڇڏائي ه يس! توکي ته خبرآ ! مهنجو مٺ تي

مٺ يار هو!اصغر : پريل توکي ته ياد آهي! هن کي ميجڪ شو جو فن به ايندو هو! پاڻ کي به ته االهي آئٽم

ڪري ڏيکاريندو هو! ياد ڪونه اٿئي!پريل : ها ننڍا! چون ٿا ته ڪارو جادو به ايندو هوس! هن پوليس جي مخبري ڇڏي ميلن مالکڙن

۽ آرٽس ڪائونسل ۾ وڃي آئٽم پيش ڪندو هو. اصغر : پاڻ به فالتو بحث ۾ لڳي ويا آهيون ! ٺيڪ آ سوچيون ٿا ته هن الء ڇا ٿو ڪري

سگهجي! صاحب جو انتظار ڪرڻ بيڪار آ!لو هيلميٽ پاتل اچي ڀرسان بيهين ٿو ۽ هيلمٽ الهي پنهنجي مڇ کي تاء ڏيندي

پريان گ

لو : لڳي ٿو ته توهان ڪنهن وڏي قتل جي واردات ٿيڻ جي انتظار ۾ بيٺا آهيو! اسانکي فورن گ

قدم کڻڻ گهرجي! )اصغر کي( ننڍا ! وڏو صاحب ڀلي ڪونهين! تون ته ذميواري محسوس ڪر! ل وڌي!

ممڪن آهي صاب جي پوسٽنگ ٿي وڃي ۽ تنهنجي ڪنڌ تي هڪ گ

لو سچ ٿو چوي ننڍا! ايس ايڇ او صاحب پنهنجي جاء تي ٿاڻي جي چارج توکي ڏئي ويو آ! پريل : گ

اسان به الئين ۾ آهيون ننڍا! نه ته سينيارٽيء ۾ ته آئون وڏو هوس! اصغر : تون سڙين ڇو پيو! تڏنهن به وڏا چارج الء مونکي ئي الئق سمجهندا هئا

پريل : )منهن ٺاهي( هون! عارضي چارج نه!ل لڳو

لو : اهو مخبر دل مراد ئي هو نه ننڍا! جنهنجي سبب سان تهنجون پٽيون هٽي ڪنڌ تي گ

گ هو!

اصغر : )ٻنهين کي ڏسي مسڪرائي( اڙي يار ! مان ته جمعدار پروء کي تنگ ڪرڻ جي موڊ ۾ هوس! هلو تياري ڪريو ته دل مراد سان ملي تفصيل پڇي اچون!ا

ٽئي اندر ڇاڻي ۾ هلي وڃن ٿا )ڪٽ( سين ڇوٿون

منظر : ڪراچي آرٽس ڪائونسل جو اسٽيجٻچي ڏاڙهيء سان، مٿي تي ڊگهوهيٽ پاتل، دل مراد اسٽيج تي ناظرين کي ڪي ميجڪ شو جا آئٽم ڏيکاري رهيو آهي ۽ هر آئٽم پيش ڪرڻ تي ناظرين تاڙيون وٺائي کيس داد ڏئي رهيا آهن

)انٽرڪٽ( سين پنجون

منظر : ڪراچي آرٽس ڪائونسل اسٽيج جو هڪ پاسو )کاٻو يا ساڄو(

Page 6: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 6

ناظرين جي تاڙين کان پوء پڙدو ڪري ٿو ۽ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي اسٽيج جي هڪ لو پٽ ، ميجڪ ماسٽر دل مراد

پاسي ۾سول ڊريس ۾ ننڍو صوبيدار اصغر، جمعدار پريل، ۽ گ

جي هڪ شاگرد سان جيڪو پڻ ميجڪ ماسٽر ڊريس ۾ ۽ هيرو نما ڇوڪرو انهن کي گڏ وٺي اچي ٿو، پڙدي اندران دل مراد به آئٽم ڪرڻ ۽ پڙدو ڪرڻ کان پوء وڌي اچي سندس چهرو

ڪنهن شيء ۽ تاثر کان عاري آهي پوء به انهن سان اچي ملي ٿو، هٿ مالئيندي عاري چهري سان مراد : خيريت ! ڪيئن اچڻ ٿيو! جي شو جي پاس گهرڻ آيا آهيو ته انتظاميا سان ڳالهايو!

اصغر : بس هاڻ ڊيگهه ڇڏ! پوليس الء پاس ڪو مسئلو ڪونهين! مراد : پوء سال کان پوء ڪيئن ياد پيو آهيانو !

پريل : اسانکي خبر پئي آهي ته توکي قتل جي ڪا ڌمڪي ملي آهي!اصغر : اسانکي ت نهنجا احسان ياد آهن! ته تنهنجي پڪي خبر ۽ اسانجي بروقت ايڪشن ڪرڻ

تي اسان جي ترقي ٿي آ! لوء ڏي اشارو ڪري( پوء پڪ سان اها توهانجي هن نئين خابروء جي ڪارستاني هوندي!

مراد : )گ

اصغر : ها! تون ٻڌاء ! ڇا اها خبر صحيح آهي نه! مراد : ننڍا! تن هنجي مهرباني جو خبر ٻڌندي ئي پرگهور لهڻ اچي ويا آهيو! نه ته مون سمجهيو ته!

پريل : سڀ توکي اڃا به ياد ڪن ٿا! پر تون ته!مراد : )تاثر کي مسڪراهٽ ۾( نه نه! مان به هي شو ڪري اوهان کان مدد وٺڻ الء اچي رهيو

هوس!)پيل ڪرسين تي اشارو ڪري( ويهو ته سهي ! شو جي بريڪ آهي! )شاگرد کي( سليم! وڃ بوتلون وٺي آ )سليم سڀني کي گهوريندو حيرت ڪندو ٻاهر نڪري وڃي ٿو(

سڀ ڪرسين تي ويهن ٿا، دل مراد به سامهون ڪرسي رکي ويهي ٿو ۽ مئجڪ اسٽائيل ۾ ڄڻ ته ڪو آئٽم پيش ٿو ڪري پنهنجي هٿ کي گول گهمائي ٿو ته هڪ پرچي سندس هٿ ۾ ها ننڍي صوبيدار اصغر کي پڙهڻ الء ڏي ٿو. اصغر پرچي وٺي پڙهي ٿو جنهن تي لکيل

اچي ٿي، ا

هو. )ڪئمرا ڪلوا اپ ۾ لکت کي ڏيکاريندي( )دل مراد ! تون ڪارو جادو ٿو ڪرين! تون ڪافر آهين! اسان توکي قتل ڪنداسون!(

بجانب : نيڪ روح ! )انٽر ڪٽ( سين ڇهون منظر : ساڳيو

پويان پڙدو کڄي ٿو ۽ ماڻهن جي تاڙين جي آواز تي )انٽر ڪٽ( دل مراد کين ڏسندو ڇڏي وڃي پنهنجو آئٽم ڪري ڏيکاري ٿو تاڙين جو گوڙ )انٽرڪٽ( سين ستون

Page 7: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 7

منظر ساڳيو اسٽيج جي پاسي ۾لو بادشاه کي پڙهائڻ کان پوء

اصغر اها پرچي پريل ۽ گ

اصغر : ها ! پ رو جمعدار ! تون ڇا ٿو ڀائين!پريل : ويجهو ٿي سرگوشي ڪندي( لڳي ٿو ته سستي شهرت ۽ ميڊيا تي پبلسٽي حاصل ڪرڻ الء ڪوشش پيو ڪري ته جيئن چينل وارا کيس پروگرامن ۾ گهرائين ۽ کيس جهٽ پٽ ۾

وڏو جادوگر سمجهيو وڃي ۽ پوء هو گهڻو ڪمائي سگهي!لو : واهه! جمعدار واهه! هاڻ پنهنجي سينيارٽيء تي ترقي نه ٿيڻ جا بدال مخبرن کان وٺ! جنهن

گ

کي دوست چئي ٿڪبو نه هئين !لو پٽ صاحب وڏي جا! باهه لڳي آ ته دونهون نڪرندو نه!

الب خان! عرف گ

اصغر : ها گ

پريل : ننڍا ! مون به مخول پئي ڪيو! ڏٺم ٿي ته تون ڇا ٿو راء رکين! باقي مراد سان ته لڳن پنهجا سر! ياري جا مٽو مٽ رهي آ!

اصغر : اچي وئين نه الئين تي! او اها الئين وٺين ها ته اڄ تو جمعدار نه پر اي.ايس آء هجي ها!لو : پوء ننڍا ! تون ڇا ٿو سمجهين!

گ

کي آ! البته اها ڳالهه ضرور اصغر : لکت عام ڪاغذ تي آهي تنهنڪري ان مان ڪا مدد ملڻ ڏ

آهي ته ڪو سندس ڌنڌي جو ئي دشمن ضرور آهي! جنهن نيڪ روحن وارو ڍونگ رچايو آهي! جيئن شهر ۾ ٽارگٽ ڪلر ۽ ڀتا خور! طالبان جي نالي تي پنهنجو ڌنڌو چمڪائي ويٺا آهن!

)انٽرڪٽ( سين اٺون

منظر : ساڳيو اسٽيج ميجيشن دل مراد اسٽيج تي، ماڻهن جي تاڙين ۾ وري پڙدو ڪري ٿو ۽ دل مراد پڙدي پويان لوء جي سامهون ڪرسيء تي ويهي ٿو.

نڪري اسٽيج جي پاسي ۾ اچي اصغر، پريل ۽ گ

مراد : پوء ڇا ٿا سمجهو! رڳو ڌمڪي آ يا خطرو سمجهان! اصغر : ) ڪاغذ طرف اشارو ڪري( هيء ڌمڪي توکي ڪڏنهن ملي هئي!

مراد : ڪلهه شام شو ختم ٿيڻ کان پوء! )کين ڏسندي ۽ وقفو رکي( اها پهرئين ڌمڪي نهن ۾ ڀتي جي گهر ٿيندي

ڪانهين! ان کان پهرئين به اهڙيون پرچيون ملنديون رهيون اٿم! پر ا

آهي! هيء پهرين پرچي آهي جنهن ۾ قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ملي آهي! پريل : تهنجي خيال ۾ اها حرڪت ڪير ٿو ڪري سگهي! لو : پريل جمعدار جو مطلب آهي ته شق ڪنهن تي اٿئي!

گ

مراد : )ڪنڌ ڌوڻي( ڪير به اها حرڪت ڪري سگهي ٿو!

Page 8: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 8

اصغر : سمجهي ويس! معني ته توکي به يقين آهي ته اها عبارت روحن يا جنن ڪانهين تحرير ڪئي!

ان دوران دل مراد جو شاگرد سليم به اچي ٿو ۽ خالي بوتلون گڏ ڪري ٿو سليم : )دل مراد کي( بوتلن جا پئسا ڏيو ٿا يا لکرائي ڇڏيان! دل مراد اشاري سان ترسائيس ٿو ۽ اصغر سان ڳالهائڻ ۾

دل مراد : آئون ميجڪ شو ۾ هٿ جي صفائي ڏيکاريندو آهيان! جڏنهن ته ماڻهو شايد ان کي بنگال جو ڪارو جادو ٿا سمجهن!

پريل : معني توکي به جنن ، پرين ۽ روحن تي وشواش )زور ڏئي( يعني اعتبار! ڪونهين!دل مراد : بلڪل نه! جي ڪو ثابت ڪري ڏيکاري ته هيء روحن پرچي موڪلي آهي ته آئون

کيس دل گهريو انعام ڏيندس!اصغر : رات جي آخري واري شو ۾ تون ڪهڙو تماشو ڪري ڏيکاريندي! ڇا روحن کي پيش

ڪرڻ وارو آئٽم ڪري ويندو آهين! يا ڪندي! دل مراد : نه ! مان ڪي هٿ جي صفائيء جا آئٽم پيش ڪندس!

تي موجود سليم کي گهوري ڏسي ٿو جيڪو ميجڪ شوز جي پيتين کي اڳيان پويان اصغر ا

ڪرڻ ۾ رڌل هو ۽ دل مراد کان سوال ڪري ٿو اصغر : هي نوجوان ڪير آهي!

دل مراد : هي مهنجو اسسٽنٽ آهي! جيڪو مونسان اسٽيج تي هوندو آهي! سليم نالو اٿس! اصغر : توسان ڪيتري وقت کان گڏ آهي!

دل مراد : سال کن ٿيو اٿس! منهنجي شاگرديء ۾ آهي! اصغر : تو لڳايواٿس يا پاڻ اچي لڳو آهي!

تي اچي مهنجا شو ڏسندو هو! دل مراد : جتي به آئون اسٽيج يا ميلن تي شو ڪندو هوس! هي ا

پوء مهنجو مريد ٿي ويو! مونکي به هڪ پڙهيل لکيل ۽ هونهار اسسٽنٽ جي ضرورت هئي، پاڻ سان لڳائي ڇڏمانس!

اصغر : هن جي باري ۾ تون ڇا ٿو ڄاڻين!دل مراد : توهانکي هن جي باري ۾ پريشان ٿيڻ جي ضرورت ڪانهين! تمام محنتي، ايماندار ۽

سٺو ڇوڪرو آهي! اصغر : هلو ٺيڪ آ! توکي ڀتي ۽ قتل وغيره جون ڌمڪيون ڪڏنهن کان پيون ملن!

دل مراد : جڏنهن کان پوليس مخبر جي نوڪري ڇڏي هي ميجڪ شوز ڪريان پيو! پر هن ها به روحن جي نالي سان!

قسم جي قتل جي ڌمڪي پهريون ڀيرو ملي آهي! ۽ ا

Page 9: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 9

لوپٽ جيئرو الب خان عرف گ

لو : خابرو پيشي ڀائي! تون پرواهه نه ڪر! جيسين ڪمانڊر گ

گ

آهي! تهنجو وار به ونگو نه ٿيندو! ڳولي ڪڍندوسانس! خابرو ائين ته ڪون ٿيا آهيون! مراد : آئون به خبر وٺڻ جي ڪوشش ۾ آهيان! پهريون موقع آهي جو ڪنهن منهن سان منهن

اٽڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ حد لنگهي قتل جي ڌمڪي ڏني اٿس! پريل : خابرو! پوء پهرين ڳولي پوء اسانکي ٻڌائين ها نه! اسان اجايو پيا لوس لوس ڪريون!

دل مراد : ٻن ڏينهن کان پوء مهنجو هي ڪنٽريڪٽ شو ختم ٿي ويندو! ان دوران مون سمجهيو ته مهنجي حفاظت ٿي وڃي ته بهتر آ.

لو : )پريل کي( او اهي ٿئي انڌي جي لٺ جا ٻه مٿا! متان ڀليو هجين! ته خابرو ڪي خبردار گ

ڪونهن!مراد : چڱو جي توهان ويهڻ چاهيو ته ڀلي آرام سان ٿي ويهو! پر مونکي اجازت ڏيو! آئون اڳئين

شو جي تياري ڪري وٺان ٿي سامهون پيل پيتيء ڏي وڃي ٿو جنهنکي

تان اسڀئي کيس ڪنڌ ڌوڻي ها چون ٿا ۽ دل مراد ا

ن مان تاش جي ڊگي ڪڍي ٿالئي پٿالئي سيٽ ڪري رهيو هو ۽ صندوق کولي ا

سندس شاگرد ا

لو کيس مشقون ڪندي ڏسن پنهنجي شاگرد سان ڪي مشقون ڪرڻ لڳي ٿو، اصغر، پريل ۽ گٿي ان صندوق طرف وڃي ٿو

ٿا، پوء ڪجهه وقت ترسي اصغر به ا

اصغر : مان تهنجي تاش سان هٿ جي صفائي سمجهي ويس! تڏنهن ئي توکي مشقون ڪندي پئي غور سان ڏٺم! تون واقعي هٿ جي صفائيء جو ماهر آهين!

مراد : )حيرت ۽ دلچسپيء سان کيس ڏسندي( واقعي! تون هٿ جي صفائي سمجهين ٿو يا دلچسپي رکين ٿو!

اصغر : اڃا طالب ۽ طفل مڪتب آهيان! پر جيئن ته اسان به تاش کيڏندا رهندا آهيون! آئون به ڪي تاش جا پتا سيٽ ڪرڻ ڄاڻان ٿو!

مراد : )خوش ٿي( پوء اچ ۽ مهنجي ڀرسان پلٿي ماري ويهي ڏس! ۽ پنهنجي راء ڏي ته هي نئون آئٽم ڪيئن لڳندو!

ر ڪرڻ اصغر مراد سان گڏ پلٿي ماري ويهي رهيو ٻئي ڄڻا تاش سان هڪ ٻئي کي گهڻا گ

ڏيکارين ٿا ته سليم اچي ٿو!ستاد شو شروع ٿيڻ جو ٽائيم ٿي ويو آهي، سيٽون سڀ بوڪ ٿي ويون آهن! مراد وڃڻ

سليم : ا

ستاد ڏي ٿي اسٽيج تي ا

لڳي ٿو ۽ ميوٽ ۾ اصغر ۽ سليم به پاڻ ۾ گفتگو ڪن ٿا پوء سليم به ا

لو گهمي پوري اسٽيج جي پاسن ۽ وڃي ٿو، پڙدي ٻاهران ماڻهن جي سيين جو آواز ۽ اصغر، پريل ۽ گ

سامهون چڪاس ڪن ٿا. )ڪٽ(

Page 10: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 10

سين نائون منظر : ساڳيو

لو بادشاهه اسٽيج جي چوڌاري چڪاس ڪرڻ کان پوء اصغر، پريل ۽ گ

ستاد! ڇا ٿو ڀائين! ڪنهن تي ڪو شق!لو : ا گ

الب خان! مونکي ته اسٽيج تي يا پاسي مان ڪنهن قاتل پاران لڪي بيهي گولي هالئڻ اصغر : گ

جا آثار نٿا ملن! هتان ته دل مراد کي ڪو خطرو ڪونه ٿو لڳي!پريل : ڀال ننڍا! اهو جيڪو شاگرد سليم اٿس! ان ۾ ڪو شق! تهنجي نظرن کي تاڙيم ! نا پسنگي

نظر آيم!اصغر : ها ! مونکي پهرئي شق ته هو! پر جڏنهن ڇوڪري سان گفتگو ڪيم ته دور ٿي ويو!

ستاد کي پيء آچار ٿو سمجهي ۽ جي دل مراد ڇوڪرو هونهار ۽ وفادار لڳو! محسوس ٿيو ته هو ا

مٿان ڪا مصيبت لٿي ته هو به جان ڏئي بچاء ڪندس!لو : آخر شاگرد ڪهنجو آهي! اسانجي خابروء جو ته اهڙو ئي هوندو!

گ

ميوٽ ۾ ڳالهيون هلن پيون )ڪٽ( سين ڏهون

منظر : آرٽس ڪائونسل جو اسٽيج ۽ هالرات جو ٻيو شو، هال کچا کچ ماڻهن سان ڀريل، اسٽيج تي اڃا پڙدو لڳل، ماڻهن جي سيٽين جي آواز لي ٿو، دل مراد ڀلي ڪار انداز ۾ سامعين اڳيان جهڪي ٿو، شاگرد سليم ڀرسان اٿس

سان پڙدو ک

لو پوري هال ۽ سامعين جو پري کان جائزو پيا وٺن ۽ بار بار مئجيشن ۽ پاسن کان اصغر، پريل ۽ گ

کي به پيا تاڙين ته متان مٿائنس ڪو اوچتو حملو ٿي نه وڃي، دل مراد پنهنجي هيٽ مان سهو ڪڍڻ يا ڪو ڪبوتر ڪڍڻ جو آئٽم ڏيکاريو ته تاڙين جو وڄڻ شروع ٿي ويو. پوء ن فضا ۾ پنهنجو هٿ لهرايو ته تاش جي هڪ سٿي نڪري آئي ۽ هڪ هٿ پرڀرو ڪري زنجير ڪري پيو ڏيکاري. تاش جا ٻه ٽي آئٽم ڪري هن سگريٽ جا ٻه ٽي آئٽم ڏيکاريا ۽ پوء ٽينس جا ڪي ڇالئي غائب ڪندو رهيو. پوء سندس شاگرد سليم

بال کڻي ٻنهين هٿن ۾ ڦيرائيندو رهيو ۽ ا

ن تي هڪ گالس کڻي اچي سامهون رکيس ٿو، ٿالههيا ٽري ۾ هڪ هڪ وڏو ٿالهه يا ٽري ۽ ا

تسبيح به پيل آهي، دل مراد ان تسبيح جو ڌاڳو ڪڍي موتين کي گالس ۾ ڀري ٿو ڇڏي، پوء ڌاڳي کي ويڙهي پنهنجي وات ۾ وجهي ٿو۽ پوء پاڻي پيئڻ جي انداز ۾ گالس ۾ پيل موتي به

پنهنجي وات ۾ وجهي ٿو. هڪ منٽ تائين جگالي ڪري منهن کي چاٻا ڏئي ٿو جهڙوڪ موتي هو موتي پويل تسبيح وانگر ٻاهر نڪري اچي ٿو ۽

کائي پيو ۽ پوء وات ۾ پيل ڌاڳو ڇڪي ٿو ته ا

ناظرين تاڙيون وڄائين ٿا، جگالي ڪرڻ کان پوء وقفي وقفي سان ڏيکاربو ته دل مراد بار بار پيٽ ۾

Page 11: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 11

لو سندس هٿ رکي جهڪي پيو ڃڻ ته پيٽ ۾ مروڙ پئي پئيس يا سر پيو ٿئيس اصغر، پريل ۽ گ پيٽ ۾ هٿ رکي جهڪڻ ۽ سور محسوس ڪرڻ تي چوڪس ٿي وڃن ٿا ۽ حيرت ۾!

پريل : )سرگوشيء ۾( ننڍا لڳي ٿو ته ڪو موتي پيٽ ۾ ڳڙڪائي ويو آهي!لو : جمعدار ! تماشائن کي کالئڻ الء ڪيو هوندائين! لڳي ٿو اها به هٿ جي صفائي هوندي!

گ

اصغر : نه يار! مونکي به ڪا گڙ ٻڙ پئي ڏسجي!دل مراد ساڳي حرڪت ڪرڻ سان جيڪي به هٿ جي صفائي جا آئٽم هئس پيش ڪري داد وٺي ٿو ۽ پوء الودائي ڪلمن ادا ڪرڻ کان سواء ئي هو پيٽ پڪڙي زور سان ڊريسنگ روم لو اهو ڏسي الرٽ ٿي اسٽيج ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته

طرف ڀڄي ٿو، اصغر، پريل ۽ گ

تماشائين جي تاڙين سان پڙدو ڪري ٿو!)ڪٽ( سين يارهون

منظر : اسٽيج جي پڙدي جي پوياندل مراد پيٽ پڪڙي زور سان ڊريسنگ روم طرف ڀڄي ٿو، پڙدو پويا ڪري رهيو آهي بيڪ

گرائونڊ ۾ ماڻهن جي تاڙين ۽ سيٽين جو آواز. ڊريسنگ روم ۾ پهچي هو واٽر ڪولر طرف وڌي ٿو لو به ڊريسنگ روم ۾ پهچي کيس ڪولر

۽ يڪا ٽي چار گالس پاڻي پي وڃي ٿو، اصغر، پريل ۽ گ

وٽ حيرت ۽ سواليا انداز ۾ ڏسن ٿا، کين ڏسندي آخري گهٽ ڀري پوئتي نهاريفتا به نه پئي ڳالهائي سگهيس! توهان ڏيو خبر!

ڃ اچي ايترو ورايم! جو الوداعي گ

مراد : )هانپجي( ا شو ڪيئن رهيو!

لو : پوپٽ شو هو خابرو يار! گ

پريل : مون به پنهنجي زندگيء ۾ ايترو بهترين شو ڪونه ڏٺو آهي. اصغر : دل مراد! تو ته واقعي ڪمال جو شو!

اڃا اترو ئي چوي ٿو ته دل مراد پيٽ تي هٿ ڏئي ڪرڻ لڳي ٿو اصغر : )گهٻرائجي( ڇا ڳالهه آهي! ڇا ٿيو!

دل مراد : )هٻڪندي( سر پيو ٿئي! شو دواران ئي پيٽ ۾ گهڻا وٽ پئي پي ۽ گهڻو سور پئي ٿيم! ائين ڄڻ ته پيٽ ۾ باهه پئي ٻريم!

پريل : اڙي بد هضمي ٿي پئي هوندئي! کائيندو به ڪيترو آهين! اصغر : )پريل کي( هڪ منٽ ! )مراد کي( ڇا چئيئي! پيٽ ۾ وٽ! ڄڻ باهه پئي ٻري!

دل مراد ڪنڌ ڌوڻي ها ڪئيڃ به پئي لڳي!

اصغر : ۽ توکي گهڻي گهڻي ا

دل مراد گهٽجي وري ڪنڌ ڌوڻي هاڪار ڪئي

Page 12: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 12

لو! پريل! جلدي ڪريو! ايمبيولنس ڪال ڪريو! لکي ٿو ته ڪنهن هن اصغر : )گهٻرائجي( گ

کي زهر کارائي ڇڏيو آهيپريل : ننڍا ! ڳالهيون به عجيب پيو ڪرين! پاڻ مسلسل ڏسونس پيا! پنهنجي سامهون ته

ڪنهن ڪجهه به ڪونه کارايس!لو : صاحب تون صحيح هوندين! لڳي ٿو پاڻ جي اچڻ کان پهرئين ڪنهن اها حرامپائي ڪئي

گ

هجي!مراد : نه! نه! مان شو کان اڳ ڪجهه به ڪونه کائيندو آهيان! لڳي ٿو پرو صحيح پيو چئي! يار

بدهضمي ٿي پئي هوندي!ڃ ٿوڙي

اصغر : )پريشان( هرگز نه! هي نشانيون زهر کائڻ جون آهن! بد هضميء ۾ طال ايتري ا

لو، پريل! توهانکي چيم نه جلدي ايمبيولنس ڪرائي اچو! دل مراد کي جلد لڳندي آهي! گ

اسپتال ته پهچايون! پوء پاڻهين ڊاڪٽر ٻڌائيندو ته ڇا ٿيو اٿس! ٻئي ڊوڙند ٻاهر نڪري وڃن ٿا. اصغر دل مراد کان پڇڻ ۾

اصغر : سوچي ٻڌاء گهڻو وقت اڳ توکي مروڙ محسوس ٿي هئي! مراد : شو ڪرڻ جي ويهن منٽن کان پوء. )ترسي( ننڍا لڳي ٿو تون ڳالهه کي ڳالهوڙو پيو بڻائين!

نهن سان گڏ شاگرد سليم به پريشان اندر داخل ٿين ٿا!لو، پريل ۽ ا

گ

لو : هلو صاحب ! ايمبيولنس ٻاهر بيٺي آهي! جلدي ڪريو! گ

سڀ دل مراد کي ٻانهن کان جهلي ٻاهر آڻين ٿا )ڪٽ( سين ٻارهون

منظر : روڊ ۽ روڊ تي سائرن وڄائي ويندڙ ايمبيولنس! سائرن وڄائي ويندڙ ايمبيولنس کي گاڏين کي اوورٽيڪ ڪندي ويندي ڏيکاربو.)ڪٽ(

سين تيرهون منظر : اسپتال جو گيٽ

اسپتال جي گيٽ تي اسٽريچر تي ستل دل مراد کي کڻي اندر داخل ٿيندي ڏيکاربو سندس شاگرد سليم به پريشان حالت ۾ گڏ )ڪٽ(

سين چوڏهون منظر : آپريشن روم ٻاهران

سڀ انتظار ۾ بيٺل، ٿورڙي دير کان پوء اسٽريچر تي ستل دل مراد کي وارڊ ۾ موڪليو وڃي پيو روپ، سليم به اسٽريچير سان گڏ وڃڻ چاهي ٿو ته اصغر ڀرسان وڃي

پويان ڊاڪٽرن جو گ

لو پاڻهين نگهباني ڪندا. اهلل خير ڪندو! تون مونسا گڏ هل )ڪٽ( اصغر : سليم ! پريل ۽ گ

Page 13: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 13

سين پنڌرهون منظر : آرٽس ڪائونسل جو ڊريسنگ روم

اصغر سان سليم گڏ آرٽس ڪائونسل جي ڊريسنگ روم ۾ واٽر ڪولر سميعت هر شيء جي چڪاس پئي ٿئي ۽ ڪندي ڪندي سليم سان به ڳالهائي پيو

اصغر : ها ابا! تون ياد ڪري ٻڌاء! ڇا اسان جي اچڻ کان پهرئين دل مراد ٻاهرئين ريسٽورينٽ تي وڃي ڪا ڊرنڪ يا چانهه پيتي هئي!

سليم : )ڇرڪ ڀري زور سان( اڙي ها سر! ٻڌائڻ وسري ويس! هاڻ يادآيو اٿم! واقعي توهانجي اچڻ ستاد ٻاهر هوٽل تي چانهه پيئڻ جو چئي ويو هو!

کان پهرئين ا

ڊ! ذهين آهين! تون ضرور مجرم ڳولڻ ۾ مدد ڪندي! اصغر : )سندس پٺ ٺپيندي( ويري گ

)مسڪرائي ڏسي( ها ته هو ڪهڙي ريسٽورينٽ ۾ چانهه پيئڻ ويو هو!سليم : اهو ڪونه ٻڌايئون سر! شايد ٻاهر ڪنهن پٺاڻ جي هوٽل تي ويا هجن! يا شايد آرٽس

ڪائونسل واري ريسٽورينٽ ۾!تي ئي سندس چانهه جي ڪوپ ۾ زهر مالئي ڇڏيو!

اصغر : )سوچي( هون ! ته پڪ! ڪنهن ا سليم : االئي سر! آئون ڇا ٿو چئي سگهان!

اصغر : ٻڌ! ممڪن آهي ته پاڻ ئي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجيس!ستاد خودڪشيء جو سوچي! )سوچي( مگر !

سليم : ممڪن ئي ڪونهين سر! جو ا

اصغر : )حيرت سان ڏسي( ها! ها! چئو! مگر ڇا!ستاد جتي به شو ڪري ٿو! ڪجهه ڏينهن

سليم : سر! توهان ڏٺو ته هال ۾ به رش گهٽ هئي! ا

ٿيا آهن جو رش گهٽ پئي ٿئي! متان! )رڪي( متان! توهانجي خودڪشيء واري ڳالهه به صحيح ه جي!

اصغر : کلي پٺ تي هٿ رکي( اڙي نه! )غور سان ڏسيس ٿو ۽ پوء ٽهڪ ڏئي( مون ته بس ائين مذاق ۾ پئي چئيو! )وري ڏسيس ٿو( خير ! هلو ٻيا شو جا سامان ڏسون! متان ڪو سراغ ملي

پئي!ستاد وٽ ته بس اهي ميجڪ صندوقون

سليم : سر سامان جي تالشي مان ڪجهه ڇا ملندو! ا

آهن جنهن مان ميجڪ جا سامان ڪڍي آئٽم ٿو ڪري! اصغر : ٻچا تون اسانجي ڪم کي نٿو سمجهين! ڪٿي رسي به نانگ ٿيو پوي!

سامانن جي تالشي ڪندي ڪندي اوچتو ڇرڪ ڀريهي ٻئي ڇوڪريون نه پيون ڏسجن، جنهن کي

اصغر : اڙي ! چڱو ٿيو جو ياد آيو! )پڪاري( سليم! ا

تلوار جي وار سان ٻه ٽڪر ڪري وري جيئرو ڪيو هئائين!

Page 14: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 14

هي ته آرٽس ڪائونسل ۾ ڪم ڪنديون آهن ! فقط هڪ سليم : )حيرت( ڇوڪريون! سر! ا

ستاد سڏايون هيون! شو ختم ٿيڻ تي پنهنجي گهر هلي ويون هونديون! آئٽم الء ا

اصغر : ها ! پر لڳي ٿو ته ان واقعي ۾ ضرور هنن جو ڪو هٿ هوندو! هاڻ تون ائين ڪر! جو و( ڪٽ

ٻاهر وڃي مئنيجر کان انهن جو اتو پتو پڇي اچ! )وڃي ٿ سين سورهون منظر : اسٽيج هال

اصغر هال جو سيٽن وٽ بهي اسٽيج ڏسي پيو ته فون وڄي ٿي! اصغر : ها! پريل چئو! ڊاڪٽر ڇا ٿي چون!

پريل : ننڍا تون صحيح هئين! ڊاڪٽر به تصديق پيا ڪن ته دل مراد کي زهر کارايو ويو آهي! نه صرف ايترو! پر دل مراد جي طبيعت به گهڻي بگڙي پئي! حالت تشويشاناڪ ٿي وئي اٿس!

لوء کي اتي ڇڏ! مان اصغر : )پريشان( اوهه! ٺيڪ آ! تون هيڏانهن آرٽس ڪائونسل هليو اچ ! گ

هيڊ ڪوارٽر وڃي وڏي صاحب کي سچوئيشن ٻڌايان ٿو! ۽ ها ! مون سليم ڇوڪري کي مئنيجر ڏي موڪليو آهي! ٻنهين ڇوڪرين جي بابت! اچن ته ٻنهين کي وٺي تون ٿاڻي تي هليو اچجئين!

سليم اچي ٿو گفتگو ٻڌي پريشان ٿي وڃي ٿوسليم : اوهه ! اهلل خير ڪري استاد سان! سر ! مونکي اجازت ڏيوته آئون ڪي گهڙيون استاد جي

پاسي ۾ وڃي خدمت ڪري سگهان! اصغر : )فون تي پريل کي( پريل هڪ منٽ !

ستاد الء احساس سمجهان ٿو سليم ! هو بيهوش پيو اصغر : )سليم کي( آئون تنهنجا پنهنجي ا

تي وڃي ڇا ڪندين! تهنجي هتي گهڻي ضرورت پوندي! تنهنجي مدد سان ئي اسانکي آهي! تون ا

قاتل ملي سگهندو! )فون تي وري پريل کي( ها ته! پريل : )ڪٽي( ننڍا! توهان ريسٽورينٽ به جانچ ۾ رکجو!

هو ڪر! )فون بند( ڪٽ اصغر : فلحال ريسٽورينٽ تي وجهه مٽي! جيڪو مون چيو اٿئي ا

سين سترهون منظر : ڊريسنگ روم

اصغر : سليم! استاد سان سال کن ڪم ڪند هاڻ تون به گهڻي هٿ جي صفائي سکي ويو هوندي!

سليم : جي سر! گهڻي ڀاڱي!اصغر : پوء تون ائين ڪر! تون اهي رات وارا آئٽم ٻيهر منهنجي سامهون دهراء جيڪي تو واري

ستاد ڪيا هئا! ڪري سگهندي! ا

Page 15: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 15

سليم : اسٽيج جي هلي ڪري سگهان ٿو! ماحول بڻبو! اصغر : ٺيڪ آ ڀلي! )انٽر ڪٽ(

سين ارڙهون منظر : اسٽيج

سليم ڪي آئٽم دهرائي پيو! ۽ اصغر سامهون ناظرين جي ڪرسيء تي ويهي ڏسي پيو! ڏسندي! اصغر : بس! بس! اترا ئي ڪافي آهن! سليم اسٽيج تان لهي هيٺ اچي ٿو

سليم : )عاجزي( سر! هاڻ جي اجازت ڏيو ته آئون ٻاهر وڃي ريسٽورينٽ تي ٿوڙو ٿڪ ڀڃان! ٿورو آرام ڪندس ته قاتل کي ڳولڻ ۾ توهانجي مدد به ڪري سگهندس!

اصغر : پريل وانگر ڪٿي تون به ان چڪر ۾ نه پيو آهين ته! دل مراد ڪهڙي هوٽل يا ريسٽورينٽ ۾ چانهه پيتي هئي! ته!

سليم : )ڪٽي( نه نه سر! بس ڪجهه منٽ چيلهه سڌي ڪرڻ الء! جيسين پريل صاحب پهچي وڃي!

اصغر : ٺيڪ آ! تون ڀلي وڃي چيلهه سڌي ڪر! آئون به پوليس هيڊ ڪوارٽر پيو وڃان! پريل اچي ٿو! پوء ڇوڪريون اچن ته ٿاڻي تي اچجو!

سليم : ٿاڻي تي! سر آئون به! اصغر : ها ! ها! گهٻراء نه! تون به پاڻ کي دل مراد وانگر اسانجو اسٽاف سمجهه! )ڪٽ(

سين اوڻيهون منظر : ٿاڻون

اصغر ڊريس ۾ ٻاهران اچي ٿو، ٿاڻي جي گيٽ مان اندر داخل ٿيندي، پنهنجي ڪمري ۾ ويندي، گيٽ تي بيٺل سپاهيء کان

اصغر : )ڪرسيء تي ويهندي واچ ڏسي(آئون هيڊ ڪوارٽر مان ٿي به آيس! اڃا پرو واپس نه وريو آ! چيو به هومانس ته ڇوڪرن کي وٺي پهچي وڃجائين!

سپاهي : صاب! اهڙو ڦڙيتيلو هجي ها ته پهرئين پاڻ ننڍو صوبيدار نه ٿي وڃي ها! اصغر : ٺيڪ آ ٿڌو پاڻي ته پيار! )سپاهي ٻاهر نڪري وڃي ٿو(

تي جا ڇا حالت اصغر : )فون ڪندي پنهنجي منهن بڙ بڙائي ٿو( ڀال اسپتال ته فون ڪري ڏسان! ا

لو! ڏي خبر! )حيرت ۽ پريشاني( ڇا آهي دل مراد بچيو يا ٿي ويو پورو! )فون ڪن تي رکي( ها! هلو گ

! دل مراد مري ويو! مرڳو هاڻ! پوء ته هي قتل جو سڌو سئون ڪيس وڃي بيٺو! )فون بند ڪري ٽيبل تي رکي ٿو ۽ پاڻ سان سوچي ( جي اهي ڇوڪريون قاتل ثابت ٿي ويون! ۽ وري قتل

Page 16: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 16

ڪري ڀڄي غائب ٿيون ٿين ! پوء مان ته مصيبتن ۾ پئجي ويندس! ايس ايڇ او صاحب ته وڃي پيو جان بچائي نيوسعيد آباد يا هاال ٿاڻي تي ٽرانسفر ڪرائي! ايس پي صاحب ناراض ٿي ويو ته

منهنجي پروموشن ۽ هن ٿاڻي جي ايس ايڇ اوئي ته مانگهيئين ڪانه ملندي ! مرڳو الئين حاظر نه ڪن يا پيٽي الهي ڪوارٽر گارڊ نه ڪنم! يا مرڳو ئي منهجي پوسٽنگ اللوکيت ٿاڻي تي،ا لياري ٿاڻي تي يا ڪٽي پهاڙي ۽ ٿاڻي ته نه ڪري ڇڏيئون ! پوء ته م نهنجو اهلل حافظ ٿي ويندو! آئون

هوندس ۽ هوندا يا ٽارگٽ ڪلر يا ڀتا خور، يا وري دهشت گرد!اوچتو جمعدار پرو سليم سان گڏ سندس هٿ جهلي مسڪرائيندو ۽ فاتحانا انداز ۾ اندر داخل

ٿئي ٿو ۽ سندس سوچ ختم! ۽ حيرت ۾ سوال ڪري ٿو!اصغر : ڇوڪريون! )ڪاوڙ( ڪڏنهن ڪو ڍنگ جو ڪم به ڪيو اٿئي! پروء جو پرو رهجان! لو پٽ وڃي هڪ ڏينهن ٿاڻو سنڀاليندو.

افال نه اهي رهيئي ته هميشه جمعدار ئي رهندي ۽ اهو گ

ايس ايڇ او ٿي!پريل ؛ جهل ! جهل ! ننڍا ! سينيئر آهيان سروس ۾ توکان ! هاڻ! بيقصور ڇوڪرين کي ڇا

ڪندي! توکي مجرم، قاتل ٿو سڳ سوڌو پڪڙي ڏيان! اصغر : ڪٿي آهي مجرم ! قاتل!

پريل : )سليم جي ٻانهه ڇڪي اڳيان ڪري( وٺ هي پنهنجو قاتل! ڪيس مون حل ڪري ڇڏيو! هاڻ تون وڃي واپس ٿجئين جمعدار ۽ آئون ايس ايڇ او.

اصغر : ٻليء جي خواب ۾ ڇيڇڙا ! ڇا منهن! ڇا منهانڊو! مڙس ٿو اي ايس آء ٿئي! پريل : ترس گهڙين ۾ خبر پئجي ويندئي!

اصغر : ڀوڳ جي عادت نه ڪڍيئي سا نه ڪڍيئي! )سليم ڏي اشارو ڪري جنهن جو چهرو خوف کان سفيد ٿي چڪو هو( اڙي هن معصوم کي ڏس! پنهنجي پيء جهڙي استاد جي غم ۾ لوء خبر

ڪيئن ڪومائجي ويو آهي ۽ تون چئين ٿو ته مجرم آهي! قاتل آهي! ۽ ها ٻڌ! هاڻ ئي گ

ڏني آهي ته دل مراد اهلل کي پيارو ٿي ويو آهي!پريل : ها ! ها! مونکي خبر آهي! ت نهنجي هيڊ ڪوارٽر مان واپسيء کان پوء ايس پي صاحب ۽

ايس. ايڇ او صاحب ٻئي پنهنجي پراڻي مخبر ۽ ساٿيء کي ڏسڻ اسپتال ويا هئا. سندن اهي مسلسل ترقيون به ان مخبر جي انفارميشن ڪري ٿيون هيون. تيسين آئون به جانچ ڪري سليم کي قاتل جي روپ ۾ سڃاڻي چڪو هوس! هن به پنهنجو ڏوهه صاحبن جي سامهون قبول ڪيو آهي! لو پٽ سان گڏ بس صاحب به اهي ڪي ٿاڻي تي پهتا! مونکي شابس ۽ پينڊنگ

ڪمانڊر گ

پروموشن ڏيڻ جي پڪ ڪرائي اٿن ۽ تنهنجي ٿيندي ڊيموشن! واپس جمعداري! تفتيش غلط رخ ۾ ۽ صاحبن کي غلط رپورٽ ڏيڻ جي انعام طور!

Page 17: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 17

هاڻ جمعدار اصغر عرف جونيئر! ڏس ته جانچ ڪيئن ٿيندي آهي! ۽ اها جانچ مون ڪئي آهي لو پٽ جي مخبري رپورٽ تي! ۽ مخبرن جي انفارميشن تي ئي پنهنجون ترقيون ٿينديون آهن ۽

گ

هي ويچارا ! )انٽر ڪٽ( فليش بيڪ ۾ وڃي ٿو سين ويهون

منظر : فليش بيڪ ۾ ساڳيو اسٽيج جنهن تي دل مراد آئٽم پيو ڪريسگريٽ پيئڻ جي آئٽم جي آخر ۾ پهچڻ کان پهرئين دل مراد پنهنجي شاگرد سليم کي تسبيح واري آئٽم جي تياريء الء اشارو ڪري ٿو ۽ شائقين طرف منهن اٿس سليم گالس ۾ موتي وجهندي هڪ موتيء جيترو گول داڻو لڪي ڇپي وڏي چاالڪيء سان کيسي مان ڪڍي انهن موتين سان مالئي ٿو ڇڏي. جڏنهن اهي موتي دل مراد منهن ۾ وجهي ٿو ته ٿورڙي دير کان پوء کيس پيٽ تي هٿ رکندي مروٽ يا پيٽ سور محسوس ڪندي ڏيکارجي ٿو. اصغر ۽ پريل لو پٽ ڏسي وٺي ٿو، هو پريل ۽ اصغر جي توجه

محسوس نٿا ڪن پر اها حرڪت ڪندي گ

ڪرائڻ جي ڪوشس ڪري ٿو ۽ ٻئي کيس نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ پوء هو به نارمل ٿي شو ڏسي پيو ۽ تماشاين سان گڏ آئٽم تي تاڙيون وڄائي ٿو )ڪٽ( فليش بيڪ ختم! )انٽرڪٽ(

سين ايڪيهون منظر : ساڳيو ٿاڻون

اصغر حيرت مان سليم کي ڏسي ٿو اصغر : تو ! تون ته چوندو هئين ته استاد پيء برابر ٿيندو آهي!

سليم : بس سر مجبوري!لو ٻين سپاهين سان اندر داخل ٿين ٿا، اصغر ڪرسيء

ايترو ڳالهائي ٿو ته ايس پي، ايس ايڇ او، گ

ٿي سلوٽ ڪري ٿو، ايس پي جهاتي پائي سليم کي ڏسي تان ا

لو پٽ ڏوهه ڪندي ايس پي: )سليم کي ڏسي پريل کان( ته اهو ڇوڪرو هي آهي! جنهن کي گ

پاڻ ڏٺو هو! ڏوهه قبول ڪري ٿو يا! پريل : )سلوٽ ڪري( جي سر! باسي ويٺو آهي!

ايس ايڇ او : ( ٺيڪ آ ! وٺي اچوس منهجي ۾! )وڃن ٿا( انٽر ڪٽ سين ٻاويهون

منظر : ايس ايڇ او جي آفيس ۾ تفتيشلو ۽ ٻيا سپاهي سامهون قطار ۾

سامهون ڪرسيء تي ايس پي ويٺل، ڀرسان ايس ايڇ او، اصغر، گ

بيٺل ٻئي پاسي سليم ۽ پريل بيٺل ايس پي: )سليم کي( تنهنجي اڃا عمر ڇا آهي! اڃا کير جا ڏند به ڪونه ڀڳا اٿئي ته قاتل ٿي وئين!

Page 18: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 18

ايس ايڇ او : )زور سان( خبر اٿئي! قتل جي سزا موت آهي! يا عمر قيد جيل! ڇا عمر آهي تنهنجي! سليم : سر سورنهن سال!

ايس پي؛ ڇا سوچي ايڏ وڏو قدم کنيئي! سليم : )ڪنڌ هيٺ( مجبوري هئي سر! نه ته ايڏو وڏو ڏوهه ڪير ٿو ڪري!

ايس ايڇ او : )دانهن ڪري( بڪواس نه ڪر! ڇاجي مجبوري هئي! توکي خبر آهي ته دل مراد ستاد هو!

مئجيشن ڪير هو! اسانجو مخبر هو! ساٿي هو اسانجو! ۽ تنهجو به ته ا

سليم : تڏنهن ته سر! ايس پي : ڇا مطلب تڏنهن ته! استاد هو ته زهر ڏئي ماريندس!

سليم : مخبر هو ته زهر ڏئي ماريومانس! پنهنجي پوء جو بدلو وٺڻ الء! اهي پرچيون به مون ئي لکيون هيون، پوليس کي چقمون ڏيڻ الء!

ايس پي : پيء جو بدلو! ڇا ڪندو هو تنهجو پيء !ذر سفر ڪندو هو!

ستاد هو! ٻارن کي گهر گهر وڃي ٽيوشن پڙهائي گهر جو گ

سليم : جي سر! بابا ا

آئون تڏنهن اڃان ننڍو هوس! هن مخبر جي غلط خبر تي کيس دهشت گردن جو ساٿي سمجهيو ويو ۽ گهٽيء ۾ ئي تفتيش بنان ان ڪائونٽر ڪري ماريو ويو هو! صرف ان ڪري جو بابا

سائين جي چهري تي به سونهاري هئي! ايس ايڇ او : ڇا نالو هو تنهجي پيء جو!

سليم : حاجي جئندل رند!ايس ايڇ او : )حيرت( حاجي جئندل رند !)ايس پيء کي( جي سر! برابر هن ٿاڻي جي حد ۾ اهو واقعو

ٿيو هو ۽ حاجي جيئندل نالي هڪ راهيگر مارجي ويو هو! جڏنهن دهشت گردن جو پيڇو ڪندي فورس جو مقابل پئي ٿيو! ته هو اوچتو سامهون اچي ويو هو! مخبر کان غلطي ٿي هئي،

هن به کيس دهشتن گردن جو ساٿي سمجهيو. ايس پي ؛ پوء پويان سندس ڪا واهر ٿي! يا ڳالهه ٿي دفتر داخل!

ايس ايڇ او : سر اسان ته گورنمنٽ کي سفارش ڪئي هئي! پنج لک رپيا به شايد منظور ٿيا هئا! ۽ کين عالئقي جي ڪائونسلر جي معرفت چيڪ ضرور مليو هوندو سرڪار کان!

سليم : چيڪ ! هڪ ساهه جي قيمت چيڪ! رڳو ڪائونسلر يا ڪو سرڪاري ڪامورو يا ايس ايڇ صاحب پاڻ خود همدرديء الء ئي اچي ها ته زخمن تي مرهم پئجي وڃي ها! بابو روزي

سان هو ۽ ٻئي ڏينهن رمضان جي عيد هئي! ۽ اسانجي گهر ۾ موت ، بک ۽ راڪاس پئي جهاتيون پاتيون ۽ چيڪ به ان ڪائونسلر هٿ ڪيو هوندو! نه ته امان ائين فطرو، صدقو، زڪوات يا

Page 19: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 19

گهر گهر پني مونکي پالي وڏو نه ڪري ها! ڏهن سالن جو هوس آئون! بابي جي انتقام جو سوچي رهيو هوس!

ايس پي : پٽ ! ڇا به سبب هو! قتل ڪرڻ پوء به وڏو ڏوهه آهي، ان جي سزا به آهي! سليم : مونکي پرواهه ناهي! هاڻ کڻي ڦاسي چڙهي وڃان! مون بابي جي قتل جو انتقام وٺي ڇڏيو!ايس پي : )اصغر کي( معمولي غلطي ۽ غلط تفتيش جو انجام ڏسين پيو نه! تون به اهو ڪم ڪري رهيو هئين! پوري تفتيش بجاء ٻن عورتن کي قاتل بڻائڻ جو سوچي رهيو هئين! پوء االئي انهن جي اوالد مان سليم وانگر ٻيا ڪيترا خوامخواهه قاتل بڻجن ها! تنهنجو هي ڏوهه ناقابل معافي آهي آئون تهنجي ترقي روڪڻ جي سفارش ڪندس ۽ توکي واپس جمعداري تي

موڪليان ٿو ۽ ڪيس حل ڪرڻ تي پريل کي سند حق ڏئي اي ايس ايس آء ڪرڻ جي سفارش ڪندس!

لو : بابا سائين! اسان الء ڇا حڪم آهي! گ

لو پٽ! مخبر پنهنجي سچي خبر سان آفيسر کي ترقيء تي چڙهائين به ته ڪوڙي خبر ايس پي: گ

سي يا ٿڙي سان ڪيرائن به ، ٻنهين صورتن ۾ فائدو يا ترقي اسان ئي آفيسرن الء آهي ۽ ڳالهه گ

وڃي ته مخبر ويچارو ڪاٺ ۾! ڪاش تون پڙهيل لکيل هجين ها ته توکي به ترقي ڏئي تنهنجي سچي کوج ۽ ڪارنامن تي اي ايس آء ته ڪرائي وٺان ها! بس ٻيو ڪجهه نه توکي انعام ۽ پگهار

۾واڌ ته ضرور ڪرائي ڏيندس!لو : اهلل خوش رکيو ! اسان الء اها تعريف ئي ڪافي آهي!

گ

ٿي ٿو ۽ سليم کي ڏسي چوندي ايس پي ا

ايس پي : بهر حال ! نوجوان! برائيء جو هميشه برو انجام ٿيندو آهي! سماج کان اهو انتقام تون پڙهي لکي پوليس فورس ۾ ڀرتي ٿي پ وليس ۾ بهتري آني به ڪري سگهئين پئي! شايد تنهنجو به ڏوهه نه هجي! اسانکي جيڪو ماحول ملي ٿو اسان ائين ئي پلجڻ شروع ڪريون ٿا! شايد ڪو اسانجي ماحول ۽ سماج کي بدلڻ به نٿو ڏي! ڪنهن ڏاهي جو قول آهي ته قتلن جو بهترين انتقام جهموريت ۽ جهموري عمل ۾ ئي پنهان آهي! بيشڪ جهموريت اڃا ڪمزور آهي ۽ طالع آزما ها اچي پر جي هي پروسيس هلندو رهندو ته بل آخر اهووصقت به ضرور ايندو جو

نٿا چاهين ته ا

عوام پڙيل لکيل محب وطن ۽ انصاف تي عمل ڪندڙ ٿي ويندو! )فريز(

پڄاڻيAll Rights of play are reserved with Writer

0300 2895691

Page 20: گُلو ان ڪراچي

WRITTEN BY : ABDUL RAZZAQUE MEMON Page 20