حضرت آدم عليه والسلام

16
1 يمڻ : عبدالرزاق ميق تحرير ۽ تحق هاڳُ م هي آهنُ داسون ا ع جو ذڪر ڪن نبيهن جن. اڄ پهرينش ڪجي ٿيز پيريئين سيشتمل نن جي قصن تي م نبي)ميه والسحضرت آدم عل( )البقره( م فيها خالدونني جائل... هئڪت الم ربڪ لذقال واائب، چوڻ لڳا ڇا توهان تي هڪ ن زمينرو آهيان ڪرڻ وارن کي ته مقرب فرشت هنجي رُ هن فرمايو ت ۽ ياد ڪريو جڏن تسبيح هنجيُ سان تنڪه .ا ڪندو، حا خون ريزيون ن تيُ ڪندو ۽ ان تي فساد برپا زميڪي جي ن کيُ ر ڪندئو ا مقرجي حمد سان گڏ. هنُ ت ان ڪريون ٿا ،تو بي ۽ پو جي ناام شين ع کي تم ڇڏيا آدمکاري سيڻو . ۽ ا نٿا ڄا هو ڄاڻا ٿوجيڪو توهانُ و، بيشڪ آئون ا فرماي ا توهان سچا آهيو . عرض ڪرڻ جي جا ناهن شينو مونکي ان ڌايُ ۽ چيائائين ٻ جي سامهونهن کي فرشتن نُ دئين ا آنشڪ تون ئي علم آ. بي جي تو ڄاڻ ڏنيهن پر ايترو جن کي ڪو علم ناهيسانڪ آهين، ا لڳا هر عيب کان تون پا ج چيو اا فرشتن کي. پو ڏايُ آدم ٻ ۽ پو جا ناهن شين نُ هن کي ا ان ڌاُ ج اي آدم! ٻ آهين، چيو ا ۽ حڪمت وارويم جون ۽ آئونن ۽ زم، آسمانڪيل شيونه چيو ته مان خوب ڄاڻان ٿو سڀ ل کي ڪون کي ڇا مون توهان فرشتنن کي ته سجدو ڪم ڏنو فرشتُ سان حهن ا لڪايو هو ۽ جڏنو ٿا ۽ جيڪو توهانو توهان ظاهر ڪري ڄانا ٿو جيڪو. اي آدم رهوبر ڪيو ۽ ڪافر ٿييو، تڪار ڪ انڪ نُ س جي. ه ابلي ڪيو سواءني سجدوو آدم کي ته س ڪريڇجو نه نه ويجهو ن وڻ جي وُ ، پرهَ نيون مان، جتان وئي سگهو ا ن مان جيترو کاُ ئو ا جنت ۾ ٻئي کاجي زال هن هنُ تون ۽ ت ڪڍيا ٻئي ڪري کي، ان وڻ جيهن نُ ن او شيطاي ورغرن مان ، ۽ پوحروم ٿيڻ واجن حقن کص ميندئو پنهن ته ٿي و

Category:

Education


0 download

DESCRIPTION

قرآن ۽ حديثن جي روشنيءَ ۾ نبين جي قصن تي مشتمل سيريز.

TRANSCRIPT

Page 1: حضرت آدم عليه والسلام

1

تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ مهاڳ

هي آهن نبين جي قصن تي مشتمل نئين سيريز پيش ڪجي ٿي. اڄ پهرين جنهن نبيء ع جو ذڪر ڪنداسون ا

)حضرت آدم عليه والسالم(

واذقال ربڪ للمالئڪت اني جائل... هم فيها خالدون )البقره(

۽ ياد ڪريو جڏنهن فرمايو تهنجي رب فرشتن کي ته مقرر ڪرڻ وارو آهيان زمين تي هڪ نائب، چوڻ لڳا ڇا توهان ن تي خون ريزيون ڪندو، حاالنڪه .اسان تهنجي تسبيح

ن کي جيڪي زمين تي فساد برپا ڪندو ۽ ا

مقرر ڪندئو ا

بيان ڪريون ٿا ،تو الء تهنجي حمد سان گڏ.

هو ڄاڻا ٿوجيڪو توهان نٿا ڄاڻو . ۽ اهلل سيکاري ڇڏيا آدم ع کي تمام شين جي ناال ۽ پوء اهلل فرمايو، بيشڪ آئون ا

نهن کي فرشتن جي سامهون ۽ چيائائين ٻڌايو مونکي انهن شين جا ناال جي توهان سچا آهيو . عرض ڪرڻ آندئين ا

لڳا هر عيب کان تون پاڪ آهين، اسان کي ڪو علم ناهي پر ايترو جنهن جي تو ڄاڻ ڏني آ. بيشڪ تون ئي علم نهن شين جا ناال ۽ پوء آدم ٻڏايا فرشتن کي. پوء اهلل ج چيو

۽ حڪمت وارو آهين، چيو اهلل ج اي آدم! ٻڌاء انهن کي ا

فرشتن کي ڇا مون توهان کي ڪونه چيو ته مان خوب ڄاڻان ٿو سڀ لڪيل شيون، آسمانن ۽ زميم جون ۽ آئون ڄانا ٿو جيڪو توهان ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪو توهان لڪايو هو ۽ جڏنهن اسان حڪم ڏنو فرشتن کي ته سجدو

ڪريو آدم کي ته سءني سجدو ڪيو سواء ابليس جي. هن انڪار ڪيو، تڪبر ڪيو ۽ ڪافر ٿيو. اي آدم رهو ن مان جيترو کائي سگهو ان مان، جتان ونيو، پرهن وڻ جي ويجهو نه وڇجو نه

تون ۽ تهنجي زال هن جنت ۾ ٻئي کائو ا

نهن کي، ان وڻ جي ڪري ٻئي ڪڍيا ته ٿي ويندئو پنهنجن حقن کص محروم ٿيڻ وارن مان ، ۽ پوء ورغاليو شيطان ا

Page 2: حضرت آدم عليه والسلام

2

تان جتي هوا. ۽ اسان چيو، لهي وڃو توهان هڪ ٻئي جا دشمن هوندئو ۽ توهان جي زمين رهائش آهي ۽ فائدا ويا ا

وٺندا رهو هڪ مقرر وقت تائين. پوء سکيا هئا آدم پمهمجي رب کان جيڪي چند ڪلما ته اهلل هن جي توبه هوئي آهي تمام گهڻيون توبهون قبول ڪندڙ نهايت رحم ڪندڙ. اسان حڪم ڏنو ته

قبول ڪري ورتي، بيشڪ ا

ن کي نه خوف هوندو، ۽ نئي هو غمگين ٿيندو ۽ جن ڪفر لهي وڃو، ته جنهن پيروي ڪئي مهنجي هدايتن جي، ا

.ڪيو ۽ جهٺاليو اسانجي آيتن کي ته هو دوزخي هوندو ۽ هميشه الء ان ۾ رهندو

ان مثل عيسي عنداهلل آدم خلقه من تراب ثم قال له ڪن فيڪون ) العمران( بيشڪ مثال عيسي ع جو اهلل ن کي مٽيء سان ۽ پوء چيو ته ٿي وڇ ته هو ٺهي ويو

.تعالي جي ويجهو آدم ع وانگر آهي، ٺاهيائين ا

يا ايهاالناس اتقوا ربڪم الذي... عليڪم رقيبا )نساء( اي ماڻهئو! ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن پئدا ڪيو توهان کي ن مان جوڙا ۽ ڦهالئي ڇڏيا ان ٻنهين مان گهڻي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون ۽ ڊڄو اهلل

هڪ زندگيء مان ۽ پئدا ڪيا ا

تعالي کان، اهلل کان گهرو ، نه ته هڪ ٻئي کان جڏنهن اهلل آهي ۽ ڊڄو حمل ڪيرائڻ کان بيشڪ اهلل هر وقت .توهان تي نگران آهي

يا ايها الناس انا خلقنا ڪم من..... عليم خبير )الحجرات( اي مانهئو! اسان پئدا ڪيو آهي توهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان ۽ ٺاهيون توهان ۾ مختلف قومون ۽ خاندان ته هڪ ٻئي کي سڃاني سگهو. توهان مان گهڻو معزز

هو آهي جيڪو توهان ۾ گهڻو متقي آهي . بيشڪ اهلل تعالي عليم ۽ خبير آهي اهلل الء ا

اهلل تعالي فرشتن کي چيو ته آئون پئدا ڪرڻ وارو آهيان بشر کي گپ مان، بس جڏنهن ان جي تخليق ڪري ان ۾ ” (پنهنجو روح وجهان ته توهان ڪري پئجوان جي سامهون سجدي ۾ )سوره ص

باب پهريون

امام احمد چيو، هن سان يحيا ۽محمد بن جعفر بيان ڪيو، يحيا ۽ محمد بن جعفر چيو ته هن سان عوف بيان ڪيو ۽ عوف چيو ته هن سان قسامه بن زهير بيان ڪيو ۽ انهن ابو موسي اشعري رضه سان روايت ڪئي ته حضور صلعم فرمايو ته” ان اهلل خلق آدم من قبضه قبضها من جميع االرض فجاء بنو آدم علي االرض. جاء منهم االبيض واالحمر

و االسود و بين ذالڪ و الخبيث الطيب و السهل و الحزن و بين ذالڪ“ اهلل تعالي حضرت آدم عليه السالم کي

Page 3: حضرت آدم عليه والسلام

3

مٽيء مان تخليق ڪيو جيڪا پوري ذمين مان کئين وئي بس پو حضرت آدم ع جو اوالد به زمين مطابق پئدا ٿيو. ڪو ان ۾ اڇو آهي ته ڪو ڳاڙهو، ڪارو ۽ سانورو. ڪو نيڪ آهي ته ڪو بدڪار. ڪو سخت مزاج آهي ته

.ڪو نرم ۽ ڪو نه گهڻو سخت ۽ نئي گهڻو نرم بلڪه معتدل

روايت ڪئي آهي سدي ابي مالڪ ۽ ابي صالح کان ۽ انهن ابن عباس ۽ مره” کان ۽ ان حضرت ابن مسعود ۽ ٻين صحابين رضيه کان ته آدم ع جي تشڪيل ڪرڻ کان پهرين اهلل ج جڏنهن حضرت جبريل عليه السالم کي زمين تي مٽي آڻڻ الء موڪليو ته زمين چيو ته” آئون توکان اهلل تعلي جي پناه ٿي گهران ته مون مان مٽي ڪڍي مو ن ۾ عيب نه وجهه“ ۽ جبريل ع واپس اچي ويو چيو ته اي مولي ا ڪريم مان زمين مان مٽي ڪڍي نه سگهيس جو هن مونکان تنهجي پناه جي درخواست ڪئي هئي.اهلل تعالي پوء حضرت ميڪائل ع کي موڪليو جيڪو پڻ ساڳئي

عذر سان واپس وريو، آخر۾ پوء اهلل تعالي موت جي فرشتي حضرت عذرائيل ع کي مٽي آنن الء زمين تي موڪليو ۽ زمين جي درخواست تي زمين کي وراڻيو ته آئون به اهلل جي پناه ٿو گهران، جي مان خالي هٿ وريس ۽ اهلل جي حڪم

جي بجا آوري نه ڪيم ته، پوء هن زمين جي مختلف حصن مان مٽي ڪڍي جيڪا ڪجهه ڳاڙهي رنگ جي، ڪجه، ڪاري رنگ جي ۽ ڪجه اڇي ۽ ٻين رنگن جي هئي، سڀني کي پاڻ ۾ ماليو ايستائن جو هو گارو گپ بڻجي

.وئي. ۽ آئي اهلل جي اڳيان رکيائين

حضرت آدم عليه السالم 04 تائين مٽيء مان ٺهندڙ هڪ بيجان ٺڪر جيان جسم رهيو، چون ٿا ته هي سال جمع ن کي ڏسي ڊڄندا هئا پرسڀ کان وڌيڪ

جي ڏينهن برابر هو، فرشته جڏنهن ان جسم جي ويجهو گذرندا هئا ته ا

ڏا ن کي ٿ

ذرندو هو ته ا

خوف ابليس کي ٿيندو هو. هو جڏنهن به آدم عليه السالم جي ٺڪر ٿيل جسم ويجهو گ

هڻندو هو، جنهن سان هن خا لي ٺڪري جسم مان کڙکڙاهٽ پئدا ٿيندي هئي. ان موقعي تي اهلل تعالي جو فرمان آهي ته ” و من صلصال ڪا الفجار )سوره رحمان( وڄندڙ واري مٽي مان، ٺڪريء وانگر. شيطان اهو به سوال ڪندو رهندو هو ته هن کي ڇو تخليق ڪيو ويو آهي، هو هن خالي جسم جي اڳيان داخل ٿي ٻاهر به نڪري ويندو هو ۽

فرشتن کي چوندو هو ته هن بوتي کان ڊڄو نه بيشڪ پنهنجو رب غني آهي پر هي جسم (کوکلو آهي ۽ جي مان هن تي مسلط ٿي ويس ته هن کي هالک ڪري ڇڏيندس. )واهلل اعلم بثواب

بآلخر وقت اچي ويو ۽ اهلل ج فرشتن کي مخاطب ٿي چيو ته”جڏنهن مان هن جسم خاڪي ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان

Page 4: حضرت آدم عليه والسلام

4

ته توهان سڀئي هن جي اڳيان سجده ريز ٿي وڃجو،“جڏنهن اهلل ج ان ۾ روح ڦوڪيو ۽ پوء جيئن ئي روح حضرت آدم جي مٿي تائن پهتو ته آدم ع کان ڇڪ نڪري وئي، ۽ فرشتن آدم کي تلڪين ڪئي ته )الحمد هلل ( چئو!،

آدم ع )الحمدهلل( چئي پهريو ڪالم ڪيو ـ ته موٽ ۾ اهلل )رحمڪ ربڪ( تنهنجي رب توتي رحمت ڪئي!، چيو. جڏنهن روح آدم ع جي اکين تائين پهتو ته هن جنت جي ميون کي ڏٺو، جڏنهن روح هن جي پيٽ تائي پهتو ته هن کي بک جي خواهش ٿي ۽ ان کان پهرين جيئن ئي روح هن تي پيرن تائين پهتو ته هن جلدئي جنت جي ميوون کي

پٽي کائڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي ته ، انهيء پس منظر۾ اهلل ج فرمايو ته)خلق االنسان من عجل( انسان جي .(فطرت ۾ جلد بازي آهي )سوره انبياء

امام احمد حضرت انس رضه روايت ڪن ٿا ته نبي صلعم فرمايو ته )جڏنهن اهلل تعالي آدم ع جي جسم کي ٺاهيو ۽ ڪجه عرصي تائين ان کي مقرر وقت تائين ڇڏي ڏنوهو ته ابليس هن جسم جي ويجهو اچڻ وڃڻ لڳو، جڏنهن هن کي خبر پئي ته هي کوکلو آهي ته سمجهي ويو ته هن ۾ ضبط نفس جي گهٽتائي آهي. حضرت انس بن مالڪ کان روايت آهي ته نبي ص ٻڌايو ته جڏنهن آدم ع ۾ روح ڦونڪيو ويو ته جيئن اهو مٿي تائين پهتو ته هن کان ڪتي ۽ هن )الحمدهلل رب العالمين( ڇيو موٽ ۾ اهلل )يرحمڪ اهلل ( چيو. حضرت عمربن عبالعزيز کان روايت آهي ته جڏنهن

فرشتن کي سجدي جو حڪم مليو ته سڀ کان پهرين حضرت اسرافيل ع سجدو ڪيو جنهن جي صله ۾ اهلل ج .(هن جي پيشانيء تي قرآن لکي ڇڏيو )هن کي ابن عسارڪر روايت ڪيو آهي

امام احمد، سعيد بن مسيب ۽ حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته نبي صلعم فرمايو ته )حضرت آدم ع جو قد سٺ وال ڊگهو ۽ جسم جي چوڙائي ست وال هئي.امام احمد، ابن عباس رضيه روايت ڪن ٿا ته، حضرت آدم عليه

السالم جي عمر هڪ هزار سال هئي.

باب ٻيو (واذ اخذ ربڪ من بني آدم من ظهور هم ذريتهم و اشهد هم علي انفسهم الست بربڪم قالو بلي)سوره االعراف

محمد صلي اهلل عليه وسلم ”ياد ڪرجڏنهن تنهنجي رب اوالد آدم جي پٺ مان هن جو نسل نروار ڪيو ۽ ان کي خود پاڻ الء گواه بڻايو ته ڇا مان توهانجو رب ناهيان، سڀني چيو ته ڇو نه.حضرت امام مالڪ بن انس رضيه

پنهنجي ڪتاب موطه ۾ حضرت زيد بن انيسه رضيه کان روايت ڪئي ته حضرت عمر بن خطاب رضيه کان هن آيت ڪريمه جي متعلق پڇيو ويو. پاڻ فرمايائون ته جڏنهن نبي صلعم سائين جن کان پڇيو ويو هو ته هنن فرمايو تهـ اهلل تعالي حضرت آدم ع کي پئدا ڪيو ۽ ان جي پٺ تي دست قدرت رکي ته آدم جو تمام اوالد ظاهر ٿي پيو،

Page 5: حضرت آدم عليه والسلام

5

اهلل ج فرمايو ته هي سڀئي جنت الء پئدا ڪيا ويا آهن.۽ جنتين الء ڪم ڪندا. اهلل ج وري آدم ع جي پٺ تي دست قدرت رکيو ته بقيا اوالد ظاهر ٿي پيو، جنهن الء اهلل ج آدم ع کي ٻڌايو ته هي جهنم الء پئدا ڪيا آهن ۽

تي هڪ صحابيء عرض ڪيو ته يا رسول ا هلل ته پوء اسان نيڪ عمل ڇو ٿا جهنمين الء ڪم ڪندا. ا

ڪريون ، پاڻ صلعم فرمايو ته جن کي جنت الءپئدا ڪيو ويو آهي اهي جنت وارا ڪم ڪندا ايستائن جو سنن خاتمو به نيڪ عمل تي ٿيندو ۽ جن کي جهنم الء پئدا ڪيو ويو آهي انهن کي خراب ڪمن ۾ مشغول رکندو

.ايستائين جو سندن خاتمو به خراب عمل ڪرڻ تي ٿيندو ۽ جهنم ۾ داخل ٿيندا

هن حديث کي امام احمد، امام ابو دائود، امام ترمذي، امام نسائي، امام ابن حرير، ابن ابي حاتم پنهنجن صحيحن ۾ مختلف طريقن سان حضرت امام مالڪ رضيه کان روايت ڪيو آهي. امام احمد، حضرت ابن عباس رضيه کان

روايت ڪن ٿا ته نبي سائين صلعم ٻڌايو ته اهلل تعالي سڀني اوالد آدم کان اهو ميثاق نائين ذوالحج تي مقام نعمان ۾ ورتو هو ۽ پوء ان سان گفتگو ڪري پڇيو ته ـ “الست بربڪم قالو بلي شهدنا، ان تقولو يوم القيامه انا ڪنا عن

هاذا غافلين. او تقولو انما اشرڪ آباء من قبل و ڪنا ذريه” من بعد هم افتهلڪنا بما فعل المطلبون. )ڇا مان توهان جو رب ناهيان، سڀني ڇيو بيشڪ تون اسان جو رب آهين. اسان گواهي ڏني ته توهان روز محشر اهو نه ڇئو ته اسان ان کان بيخب هئاسون يا نه ڇئو ته شرڪ ته صرف اسان جي وڏن ڪيو هو پهرين، ۽ اسان ته ان جي اوالد

آهيون پوء کان. ته ڇا تون اسان کي هالک ڪندي ان شرڪ جي ڪري جيڪي ڪيو هو باتلن. هن حديث کي ابن حرير، نسائي ۽ حاڪم به پنهنجن مستدرڪن ۾ حسين بن محمد مروزي کان روايت ڪيو آهي ۽

.(حاڪم به چئي ٿو ته هي حديثون صحيه آهن )اهلل اعلم بثواب

واذ اخذنا من النبين ميثاقهم و منڪ و من نوح و ابراهيم و موسي و عيسي ابن مريم و اخذنا منهم ميثاقا “غليظا“ ياد ڪر جڏنهن اسان سڀني نبين کان عهد ورتو ۽ توهان کان به)صلي اهلل عليه وسلم(، ۽ نوح، ابراهيم ۽

موسي ۽ عيسي بن مريم )عليهما السالم( کان به ۽ اسان هنن سڀني کان پڪو عهد ورتو هو. ”فاقم وجهڪ للدين حنيفا. فطره اهلل التي فطر الناس عليها ال تبديل لخلق اهلل )سوره روم( ته توهان پنهنجا ٻوٿ سڌا ڪريو اهلل جي

اطاعت الء، هڪ، اڪيلي انهيء جا ٿي ڪري، اهلل جي تخليق جنهن تي ماڻهن کي پئدا ڪيو ويو، اهلل جي ٺاهيل .، نه بدلجو ڇو اهوئي سچو دين آهي

Page 6: حضرت آدم عليه والسلام

6

و ما وجدنا الڪثرهم من عهدوان وجدناوجدنااڪثرهم الفاسقينه” )سوره االعراف(۽ نه لڌو اسان انهن جي “ .اڪثريت کي وعده جو پابند ۽ ضرور لڌو کين انهن مان گهڻن کي، حڪم عدولي ڪرڻ وارن مان

طبراني، علي بن عبدالعزيز، حجاج بن منهال، حماد بن سلمه،علي بن زيد، يوسف بن مهران حضرت ابن عباس رضيه ۽ ٻين صحابين رضيه عنها کان رويت ٿيل آهي ته جڏنهن قرض جي آيت جو نزول ٿيو ته نبي سائين جن

ارشاد فرمايو ته” بيشڪ سڀ کان پهرين انڪار ڪرڻ وارو حضرت آدم عليه السالم هئا، ۽ پاڻ اهو جملو ٽي .دفعا دهرايو هو

مٿين آيتن مان ثابت ٿئي ٿو.چئجي ٿو ته هڪ ڏينهن اهلل تعالي قيامت تائين پئدا ٿيندڙ اوالد آدم کي گڏ ڪيو، انهن کي شڪل و صورت ڏئي هنن سان گفتگو ڪئي هنن کان عهد وميثاق ورتو ۽ ميثاق)الست برڪم( ڇا

مان توهان جو رب ناهيان؟ سڀني وراڻيو )بلي( ڇو نه .پوء اهلل فرمايو”مان ان تي ستن آسمانن ۽ ستن زمينن کي گواه مقرر ڪريان ٿو، ۽ توهان تي توهان جو ابو آدم ع به گواه هوندو. ته جيئن قيامت جي ڏينهن توهان ائين نه چوڻ لڳو ته اسان ته هن عهد و پيمان کان واقف ئي نه هئاسون. مهنجو عهد اهو آهي ته مونکان سوا ڪير به عبادت جي الئق ڪونهين، ۽ مونکان سواء توهان جو ڪو به رب ناهي ، مونسان ڪنهن کي به شريڪ نه بڻايو ، مان

توهان ڏي رسول ص موڪليندس جيڪي توهان کي منهنجا عهد و پيمان ياد ڏياريندا ۽ مان هدايت جي خاطر پنهنجا ڪتاب نازل ڪندس. اوالد آدم وراڻيوـ اسان گواهي ڏيون ٿا ته تون ئي اسانجو رب ۽ معبود آهين، توکان

.سواء اسانجو ڪو به رب ناهي، توکان سواء اسان جو ڪو به معبود ناهي

امام ترمذي، حضرت ابوهريره رضه کان روايت ٿو ڪري ته نبي ص جن فرمايو ته” جڏنهن اهلل ج آدم ع کي پئدا درت رکيو ته سندن پٺ تي قيامت تائين پئدا ٿيندڙ هر روح ظاهر ٿيو ۽ هر شخص

ڪيو ته هنجي پٺ تي دست ق

جي ٻنهين اکين جي وچ ۾ هڪ روشني پئي ٻهڪي، جڏنهن ان کي آدم ع تي ظاهر ڪيو ويو ته هن اهلل ج کان پڇيو ته هي ڪير آهن؟ اهلل ج فرمايو ته هي تنهنجو اوالد آهي. انهن ۾ هڪ اهڙو شخص به هو جنهن جي

پيشانيء جي روشنيء حضرت آدم ع کي حيران ڪري ڇڏيو، پاڻ پڇيائون” اي رب ڪريم هي شخص ڪير آهي، متن مان هوندو.هن جو نالو دائود ع هوندو. آدم ع عرض ڪيو ته اي اهلل تو هن کي عمر

اهلل فرمايو هي آخري ا

ڪيتري ڏني آهي؟ اهلل ج فرمايو ته سٺ سال. آدم ع عرض ڪيو ته يا رب هن جي عمر ۾ اضافو ڪريو، اهلل

Page 7: حضرت آدم عليه والسلام

7

رب العزت فرمايو ته هن جي عمر ايتري ئي لکي وئي آهي، آدم ع عرض ڪيو ته رب العزت هن کي مهنجي عمر مان چاليه سال ڪٺي هن کي ڏئي سئو سال پوري ڪري ڇڏيو. اهلل فرمايو ٺيڪ ! هي تنهنجو ۽ هن جو معاملو

.آهي

۽ پوء آدم ع کي حڪم ٿيو ته جنت ۾ رهائش ڪري. آدم ع هڪ خاص عرصي تائين موال جي مرضي تحت جنت ۾ رهيا ۽ پوء شيطان جي ورغالئڻ تي زمين تي آيا ۽ پنهنجي عمر جو حساب ڪتاب ڪندا رهيا ايستائين

ڪه ملڪ الموت سندن روح قبض ڪرڻ اچي ويو، پاڻ کيس چيائون ته تون جلد ئي اچي ويو آهين، جڏنهن ته مهنجي عمر هزار سال لکيل آهي، فرشتي چيو ته بلڪل پر ڇا توهان ان مان چاليه سال پنهنجي پٽ دائود ع کي

ڏئي ڇڏيا هئا؟ حضرت آدم ع کي ويسار ٿي هئي ۽ هن مڃڻ نڪار ڪيو هو. حضور صلعم چيو ته آدم ع ويسار جي ڪري انڪار ڪيو تنهنڪري هن جو اوالد به انڪار ڪري ٿو، هن کي ويسار ٿي انڪري آدم ع اوالد کي به ويسار ٿئي ٿي حضرت آدم ع کان لغزش ٿي هئي ان ڪري هن جي اوالد کان به گناه ٿين ٿا)امام ترمذي

هي حديث نقل ڪرڻ کان پوء چون ٿا ته هي حسن صحيه آهي، هي حديث هڪ ٻي سند سان به حضرت ابو هريره نبي سائينء جي حوالي سان روايت ڪئي آهي(. اهلل تعالي پنهنجي ڪرم سان حضرت دائود عليه السالم

جي عمر سئو سال ڪئي ۽ گڏوگڏ آدم عليه السالم جي عمر به هزار سال رهڻ ڏني. ) امام احمد هن حديث کي (روايت ڪرڻ ۾ اڪيلو آهي. )واهلل اعلم بثواب

حديثن مان خبر پئي ٿي ته آدم ع جي پئدائش وقت هڪ ڏينهن اڄ جي ست هزار سالن جي برابر هو.)حضرت ابن ذاريائون. ابن جرير چئي ٿو ته

عباس رضه( ڪي راوي چون ٿا ته پاڻ جيتري مدت زمين تي رهيا اوتري ئي جنت ۾ گ

تي جي هڪ گهڙي اسي سال، چار مهنا دنيا جي هئي)مسلم( پاڻ روح پاڻ جمع جي آخري گهڙين ۾ پئدا ٿيا ۽ ا

ڦوڪڻ کان پهرين هڪ هڪ جسد خاڪيء جي حيثيت ۾ چاليه سال رهيا ۽ هبوط جنت کان پهرين ٽيتاليه سال چار مهنه جنت ۾ رهيا)واهلل اعلم بثواب( حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته آدم ع جمع جي آخري گهڙين

.۾ پئدا ڪيا ويا ۽ انهيء ڏينهن جنت مان ڪڍيا ويا

ها جنت جنهن جنت ۾ حضرت آدم ۽حوا عليها السالم کي ترسايو ويو هو،ان باري ۾ عالمن ۾ اختالف آهي ته ا

ها آسمان تي هئي ڪٿي هئي، آسماننتي )جنت الماوي( يا زمين تي)جنت الخلد(. جهمور علما جو موقف آهي ته ا

Page 8: حضرت آدم عليه والسلام

8

جنهن جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ به اچي ٿو. “وقلنا يا آدم اسڪن و زوجڪ الجنه” )سوره بقره( ۽ اسان چيو ته اي آدم تون ۽ تنهنجي زال جنت ۾ رهو. صحيح مسلم ۾ ابو هريره ۽ حذيفه رصه عنهم کان روايت آهي ته نبي سائين چيو“يجمع اهلل الناس فيقوم الموئمنون حين تزلف الجنه. فياتون آدم فيقولون يا ابانا...استفتح لنا جنه فيقول. وه هل

اخرجڪم من الجنه اال خطيئط ابيڪم.

باب ٽيونآدم عليه السالم جو قد، پهرين خوراڪ، لباس، پهري اوالد جو جنم ، قابيل ۽ هابيل قتل، قتل جي جڳه، ڪانگ

جو دفنائڻ سيکاريو۔

حضرت ابو هريره رضيه کان روايت آهي ته نبي سائين صلي اهلل عليه واسلم فرمايو ته جڏنهن حضرت آدم عليه السالم کي تخليق ڪيو ويو ته سندن قد 06 وال هو ۽ پوء تائين آدم ع جي اوالد جو قد گهٽجندو وڃي. حضرت

ابو هريره رضيه کان ئي روايت آهي ته سندن زمين تي به پهرين خوراڪ ڪڻڪ ئي هئي. حضرت جبريل عليه ن وڻ جو ميوو

السالم جڏنهن ڪڻڪ جا ست داڻا آڻي ڏنا ته آدم ع پڇيو ته هي ڇو ! ته حضرت جبريل ڇيو ته ا

جنهن کي کائڻ الء توهان کي روڪيو ويو هو، پاڻ پڇيو ته پوء هاڻ ان کي ڇا ڪريان، حصرت جبريل ع وراڻيو ته هي داڻا وٺي زمين تي پوکي ڇڏيا. ڪڻڪ جي هر داڻي مان االهي مقدار ۾

زمين تي پوکيو. حضرت آدم ع پوء ا

داڻا نڪتا پاڻ فصل ڪٽي صاف ڪيو ۽ ڪي داڻا وري زمين تي پوکي ڇڏيا. باقين کي پيسي اٽو ڪيو ۽ ڳوهي ماني ٺاهي ۽ ايڏي مشقت ڪرڻ کان پوء کاڌو. فال يخر جن ڪما من الجنه فتشقي )سوره طه( ته ائين نه ٿئي ته هو

.ڪڍي ڇڏي توکي جنت مان ۽ تون مصيبت ۾ پئجي وڃين

ن جو هو . جنهن کي آدم ع گهيٽي تان الٿو، زمين تي حضرت آدم ۽ بيبي حوا علهما جو پهريو لباس گهيٽي جي ا

صاف ڪري پهرين پنهنجي الء هڪ جبو تيار ڪيو ۽ حضرت حوا الء پوري جسم کي ڍڪڻ جو لباس ۽ مٿي الء هڪ چادر. حضرت آدم ۽ بيبي حوا عليهما کي جاڙا ٻار چئدا ٿيندا هئا هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري. اهلل

تعالي جو آدم ع کي حڪم ٿيو ته ته هر جوڙي مان ڇوڪري کي ٻئي جوڙي جي ڇوڪريء سان نڪاح ڪرائي ڇڏ ۽ اهو سلسلو جاري رهيو ۽ڪنهن به ڇوڪري الء پاڻ سان گڏ پئدا ٿيندڙ جاڙي ڇوڪريء سان

نڪاح ڪرڻ جائز نه هو.امام ابو جعفر بن جرير پنهنجي تاريخ ۾ ڪن ماڻهن جي حوالي سان نقل ڪيو آهي ته حضرت آدم عليه السالم جا ويه پٽ ٿيا جيڪي سڀئي بيبي حوا ع جي بڀن مان پئدا ٿيا ۽ سڀئي جاڙا هئا. آدم

Page 9: حضرت آدم عليه والسلام

9

ع فقط هڪ شادي بيبي حوا سان ڪئي هئي ڇو جو اوالد سان شادي ڪرڻ تڏنهن کان ئي حرام آهي. ابن (اسحاق به اهو تعداد ٻڌيو آهي ۽ هن ته انهن جا ناال به نقل ڪيا آهن )واهلل اعلم بثواب

ڪن جو چوڻ آهي ته هڪ 006 ڄمن مان 046 جاڙا ٻار ڄاوا ۽ هر هڪ ڄم ۾ هڪ ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري هئا. پهرئين ڄم ۾ قابيل ۽ ان جي ڀيڻ قليما پئدا ٿي ۽ ٻئي جنم ۾ هابيل ۽ ان جي ڀيڻء۽ جڏنهن ته

آخري ڄم مان عبدالمغيث ۽ ان جي ڀيڻ ام المغيث پئدا عيا هئا. ۽ انهن ئي اوالدن مان ٻيا يعني آدم ع جا پوٽا ٿيا جيڪي زمين تي ڄمندا ۽ ڦهلجندا رهيا جنهن الء اهلل ج به فرمايو آهي ته “يا ايهناس اتقو ربڪم الذي

خلقڪم من نفس واحده و خلق منها زوجها و بث منهما رجاال ڪثيرا و نساءء” اي انسانئو ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن پئدا ڪيو توهان کي هڪ جان مان ۽ پئدا ڪيا ان مان جوڙا ۽ ٻنهين مان گهڻي تعداد ۾ مرد ۽ عورتون.

)سوره النساء( تاريخ دان چون ٿا ته حضرت آدم ع پنهنجي وصال کان پهرين پنهنجي اوالدن، انهن جي اوالدن ۽ انهن .(جي اوالدن مان هڪ لک انسان پنهنجي اکين سان ڏٺا هئا )واهلل اعلم بثواب

حضرت عبداهلل ابن عباس، حضرت ابن مسعود ۽ ٻيا صحابي رضيه روايت ڪن ٿا ته اهلل جي حڪم سان حضرت آدم ع جي هر جوڙي جي ڇوڪري جي ٻئي جوڙي جي ڇوڪريء سان ٿيندي هئي. هابيل جو ارادو هو ته قابيل

جي ڀيڻ سان شادي ڪري جيڪو عمر ۾ هابيل کان وڏو هو. جيئن ته قابيل جي جاڙي بهڻ تمام خوبصورت هئي ان ڪري قابيل اهلل جي ان قانون کي ٽوڙي پاڻ پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪرڻ جو خواهشمند ٿيو. حضرت

آدم ع کي اها ڳاله ڪانه وڻي ۽ هن قابيل کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجي ڀيڻ جي شادي هابيل سان ڪري پر هو انڪار ڪندو رهيو. پوء آدم ع اهلل جي منشا وٺڻ ال ٻنهين کي قربانيء جڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ مڪه

مڪرم ۾ حج ڪرڻ الء روانا ٿي ويا. وڃڻ مهل حضرت آدم ع آسمانن کي پنهنجي ٻنهين ٻارن جي حفاظت جو عرض ڪيو، جنهن ته آسمانن انڪار ڪيو، پوء پاڻ زمينن ۽ جبلن کي ٻنهين جي حفاظت الء چيو جن به انڪار

.ڪيو آخر ۾ قابيل ذمه کنيو ته ۽ حضرت آدم ع حج ڪرڻ روانا ٿي ويا

پويان آدم ع جي حڪم تي ٻئي قرباني ڪري اهلل جي منشا الء تياري ڪرڻ لڳا، هابيل جيڪو ٻڪريون چاريندو هو تنهن پنهنجن ٻڪرين مان هڪ موٽو تازو ٻڪر اهلل جي راه ۾ قرباني ۽ منشا الء ذبح ڪيو، جڏنهن ته

قابيل زراعت ڪندو هو ۽ پنهنجي پوکيل زرعي جنسن مان خراب جنسون ڪڍي ڍير ڪري قربانيء الءء پيش

Page 10: حضرت آدم عليه والسلام

10

ڪيون . آسمان تان باه لٿي ۽ جنهن هابيل جي قرباني کئي ڇڏي پر قابيل جي قرباني اهڙي جي اهڙي رهي ۽ اهلل قبول نه ڪئي، جنهن تي قابيل ناراض ٿي ڪاوڙ ۾ هابيل کي ڇيو ته آئون توکي قتل ڪري ڇڏيندس ته جيئن

تون مهنجي ڀيڻ سان شادي نه ڪري سگهين، هابيل وراڻيس ته قرباني ته صرف متقين جي قبول ٿئي ٿي. هي حديث حضرت ابن عباس ۽ ٻين گهڻن ئي سندن سان روايت ٿي آهي، هن کي عبداهلل ابن عمرو سان به روايت

.ڪيو ويو آهي

واتل عليهم نبا انبي آدم بالحق... فاصبح من الندمين )سوره المائده( ۽ محمد صلعم ـ پڙهي ٻڌاء انهن کي خبر “آدم جي ٻن پٽن جي ٺيڪ طرح سان، جڏنهن ٻنهين قرباني ڏني ته قبول ڪئي وئي هڪ کانٻئي جي ۽ )چيو ٻئي(

ته قسم آهي توکي قتل ڪري ڇڏيندس )پهرئين( چيو )تون خوامخواه ناراض ٿو ٿين( قبول ڪري ٿو اهلل صرف پرهيزگارن جي، تو جي وڌايو پنهنجو هٿ اڳيان موکي قتل ڪرڻ الء، مان نه وڌائيندس پنهنجو هٿ تو ڏانهن ته

توکي قتل ڪري ڇڏيان، مان ته ڊڄان ٿو اهلل کان، مالڪ آهي جيڪو سڄي جهانن جو، مان ته اهو ڇاهيان ٿو ته کڻي وٺ مهنجا گناه ۽ پنهنجا به ته ٿي وڃي دوزخين مان ۽ اهائي سزا آهي ظلم ڪرڻ وارن جي، بس پوء آسان ٿي ويو هن جي نفس الء پنهنجي ڀاء کي قتل ڪرڻ سو قتل ڪري ڇڏيائينس ۽ پوء ٿيو سخت شرمندگي کڻڻ وارن

مان. پوء موڪليو اهلل هڪ ڪانگ کي، کوٽي جنهن کڏ ، ته ڏيکاري هن کي ته ڪيئه لڪائي الش پنهنجي ڀاء جو، چوڻ لڳو هاء افسوس! ڪيڏو بيوس رهيس، جي هجان ها هن ڪانگ وانگر، ته لڪائي سگهان ها الش

پنهنجي ڀاء جو، ۽ پوء هو ٿيو گهڻو پڇتائڻ وارن مان“ ) سوره المائده( ا

حضور صلي اهلل عليه وسلم جن جي هڪ حديث آهي جنهن کي بخاري ۽ مسلم ۾ روايت ڪيو ويو آهي هن آيت جي نسبت سان جنهن سان ثابت ٿئي ٿو ته قتل هڪ نا پسنديده جرم اهي ۽ جيڪڏنهن اهڙا حاالت پئدا

ٿين ٿا ته هڪ مسلمان ٻئي مسلمان کي قتڪ ڪرڻ الء تيار ٿئي ٿو ته ڪنهن به هڪ شخص کي ان ارادي ۽ پهل ڪرڻ کان بچڻ گهرجي تڏنهن ئي نبي ص فرمايو ـ ٻه مسلمان تلوارون مقابلي هڪ ٻئي جي اچن ته قاتل ۽

مقتول ٻئي جهن

موجوده تورات)منسوخ ٿيل( ۾ آهي ته حضرت آدم عليه السالم پنهنجن نون پشتن کي ڏٺو هو ۽ بائبل جي مطابق سندن ڪل عمر 036 سال ٿئي ٿي؟

Page 11: حضرت آدم عليه والسلام

11

حافظ عمادالدين ابن ڪثير چئي ٿو ته کيس موجوده تورات ڏسڻ جو اتفاق ٿيو جنهن ۾ لکيل آهي ته اهلل تعالي هابيل کي قتل ڪرڻ کان پوء قابيل تي فورا” عذاب نازل ڪو نه ڪيو هو پر هن جي عذاب ۾ تاخير ڪري هن

کي مهلت ڏني هئي. هو عدن جي مشرق ۾ شهر “نود” ۾ رهيو جنهن کي “قنين” چئبو هو. هن جي پٺ مان “خنوخ” پئدا ٿيو هو. ۽ خنوخ مان “عندر” پئدا ٿيو هو. عندر مان “محو ايل” ۽ محو ايل مان “متوشيل”، متوشيل مان “المڪ” ۽ المڪ ٻه شاديون ڪيون ه يون. سندس هڪ زال جو نالو ”عدا“ هو ۽ ٻي زال جو نالو “صال” هو. عدا

مان هڪ ٻار پئدا ٿيو جنهن جو نالو “ابن” هئو، اهوئي اهو پهريون شخص هو جيڪو خيمن ۾ رهندو هو ۽ مويشي پاليندو هو. هن جي زال جاي پيٽ مان هڪ ٻيو ٻار به پئدا ٿيو هو جنهن جو نالو “توبل” رکيو ويو. توبل ، ارغونن ۽

هو بينون وڄائڻ وارن جو ابو هو ۽ “صله” ٻئيء جي بطن مان هڪ ٻار پئدا ٿيو جنهن جو نالو “بلقين” هو هي ا

پهريون شخص هو جنهن لوه ۽ پتل جي صنعت جي شروعات ڪئي، صله مان هڪ ڇوڪري به ڄايس جنهنجو .نالو “نعمي” رکيو ويو

چون ٿا ته جنهن وقت حضرت آدم عليه السالم کي حضرت شيش عليه السالم پئدا ٿيو ته سندن عمر 036 سال هئي. ان کان پوء به پاڻ 076 سال زنده رهيا. کين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريو پئدا ٿيون . انوش مان قينان پئدا ٿيو،

ان وقت انوش جي عمر 76 سال هئي ۽ ان کان پوء هوء 008 سالن جي ٿي ته ان کي به ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون پئدا ٿيون. جڏنهن قينان جي عمر 76 سال ٿي ته ان کي به ڇوڪرا ۽ ڇوڪرون ڄايون، جڏنهن مهال ييل جي عمر 08

سال ٿي ته ان کي “يرو” پئدا ٿيو ۽ ان کان پوء هو 066 سال زنده رهيو. ۽ جڏنهن “يرو” 000 سالن جو ٿيو ته ان مان .خنوخ پئدا ٿيو جنهن کان پوء هو به 066 سال جيئرو رهيو ۽ ان کي به پٽ ۽ ڌيئرون پئدا ٿيون

جڏنهن خنوخ جي عمر78 سال هئي ته ان مان متوشلخ پئدا ٿيو ۽ ان کان پوء خنوخ 066 سالن تائين جيئرو رهيو ۽ ان مان به پٽ ۽ ڌيئرون ڄايون. جڏنهن متوشلخ جي عمر 037 سال ٿي ته هن مان المڪ پئدا ٿيو ۽ اهو به 700

سال جيئرو رهيو ان مان به پٽ ۽ ڌيئرون پئدا ٿيون. جڏنهن المڪ جي عمر 000 سالن جي ٿي تهحضرت نوح عاله السالم پئدا ٿيا جيڪي 808 سال زنده رهيا ۽ ان مان به پٽ ۽ ڌيئرون پئدا ٿيون ۽ جڏنهن حضرت نوح عليه

.السالم جي عمر مبارڪ 866 سال ٿي جيڪي ٻار ان مان پئدا ٿيا انهن جا ناال سام، حام ۽ يافث هئا

Page 12: حضرت آدم عليه والسلام

12

تورات ۾ ٻڌايل مٿين تاريخن کي جي ڏسجي ته انهن مان خبر پوندي ته حضرت آدم عليه السالم پنهنجي نون پشتن کي ڏٺو هو، ڇو جو بائبل جي حساب سان سندن ڪل عمر 036 سال هئي، معني ته جڏنهن حضرت نوح عليه السالم جو والد پئدا ٿيو هو ته حضرت آدم عليه السالم زنده ه ئا. حضرت نوح عليه السالم جي والد جي

عمر جڏنهن 00 سال ٿي هئي ته حضرت آدم عليه السالم فوت ٿي ويا هئا. هن سلسلي مان گهڻي ۾ گهڻي عمر .“محلل اهل” جي ٿي بڻجي جيڪي سند فرزند حضرت شيش عليه السالم جا پڙ پوٽا هئا

هبوط ارضي جي سن 0406 ۾ ان جي وفات ٿي ته ان اعتبار سان هو پنهنجي تقريبا” و06 پشتن تائين زنده رهيو، ڇو جو حضرت يعقوب عليه السالم جي وفات سن هبوط ارض جي 0806 ۾ ٿي، معني ته انهن حضرت موسي

عليه السالم کان پهرين سڀني نبين جو زمانون ڏٺو هو. جيڪڏنهن سندن سن پئدائش 346 به تسليم ڪجي ته سندن عمر 0686 سال ٺهي ٿي. عمرن ۾ ايترو تفاوت حيران ڪن آهي ۽ ڪو به شخص منسوخ ٿيل توريت جي

.تايخن کي صحيه تسليم ڪرڻ الء تيار ناهي

امام ابو جعفر بن جرير پنهنجي تاريخ ۾ ڪن کان اها ڳاله نقل ڪئي آهي ته حضرت آدم عليه السالم جا 06 پٽ ٿيا جيڪي سڀئي بيبي حوا ع مان ٿيا. ابن اسحاق به اهو تعداد ٻڌايو آهي. ۽ هن ته انهن جا ناال به کنيا آهن.

ڪن جو چوڻ آهي ته بيبي حوا جي بطن مان کين 006 جوڙا )046( جاڙا ٻار ٺاوا هئا ۽ هر جنم مان هڪ .ڇوڪرو ۽ هڪ ڇوڪري هئا

حضرت آدم عليه اسالم جي عمر جي باري ۾ معي پيش ڪيل ۾اختالف آهي. ڇو جو حضرت ابن عباس ۽ حضرت ابو هريره رضيه ٻڌائي چڪا آهن ته لوح محفوظ ۾ سندن عمر هڪ هزار سال درج هئي، جڏنهن ته

موجوده تورات ۾ سندن عمر مبارڪ 036 سال ٿئي ٿي. پر تورات ۽ حديث جيان ڏنل عمر کي ممڪن سمجهجي ته جي اها 036 سال هئي ته ممڪن آهي ته اها دنياوي عمر ٻڌايل هجي يعني هبوط ارضي کان پوء جي عمر. ٻنهين کي جوڙجي ته اها هڪ هزار سال ئي ٺهندي. ٻي صورت هي ء به آهي ته 036 سال شمسي اعتبار سان ۽

هزار سال قمري اعتبار سان، ڇو جو 036 شمسي سال تقريبا” 008 قمري سال جي برابر ٿئي ٿو اهڙي طرح قمري

Page 13: حضرت آدم عليه والسلام

13

سال مطابق سند عمر 0666 سال وڃي بيهندي. . ابن ٿساڪر کان حضرت عطا خراساني رح روايت ڪري ٿو ته ذريا

،م ۾ داخل .ٿو ته جڏنهن حضرت آدم عليه اسالم جو وصال ٿيو ته تمام مخلوق تي ست ڏينهن ڏاٺا ڳرا گ

ٿيندا “ صحابن پڇيو.

باب پنجونوصال آدم عليه اسالم ۽ حوا ٻين نبين عليه السالماجي آمد حضرت شيش عليه اسالم کان شروع ۽ تعداد

جيڪ رسيو هو هڪ لک 04 هزارن تائين

ابن حيان حضرت ابوذر رضيه اهلل تعالي عنه کان روايت ڪري ٿو ته “ مون نبي صلي اهلل عليه وسلم کان پڇيو ته ذريا آهن“ پاڻ فرمايائون “ هڪ لک 04 هزار“ مون عرض

يا رسول اهلل صلي اهلل عليه وسلم“ ڪل ڪيترا نبي گ

ڪيو ته “ ۽ رسول ڪيترا )عليه السالما( ؟ “ ته پاڻ ص فرمايائون رسولن ع جو تعدا 303 هو، مون وري عرض ڪيو ته يا رسول اهلل صلعم سڀ کان ايندڙ پهريون رسول ڪير هئا، ـ پاڻ صلعم فرمايو “ سڀ کان پهرين

هي هاو حضرت آدم عليه السالم، مون وري عرض ڪيو ته ڇا ? حضرت آدم جيڪو رسول عليه اسالم ۾ آيو ا

عليه السالم به نبي مرسل هئا؟ .چيائون ص ته ها اهلل تعالي ته کين پنهنجي دست قدرت سان ٺاهيو هو، ان ۾ پاڻ روح کي ڦوڪيائون ۽ کين خوبصورت شڪل به ڏني

حضرت ڪعب احبار رحه فرمايو ته جنت ۾ صرف حضرت آدم عليه السالم کي ڏاڙهي هوندي، سند ڏاڙهي ڪاري ۽ دن تائين هوندي، جنت ۾ ڪو به شخص ڪنيت سان نه سڏبو پر صرف حضرت آدم عليه اسالم،

.(دنيام سندن ڪنيت ابوالبشر آهي ۽ جنت ۾ ابو محمد هوندي. )واهلل اعلم بثواب

بخاري و مسلم ۾ حديث معراج ۾ چيل آهي ته “ حضرت محمد صلعم جو معراج تي جڏنهن حضرت آدم عليه ذر ٿيو ته پاڻ آسماني دنيا ۾ هئا ۽ محمد صلي اهلل عليه وسلم کي نيڪ پٽ ۽ صالح نبي صلعم

اسالم وٽان گ

جهڙن لفظن سان خوش آمديد چيو. حضور صلعم ساڄي وارن طرف ڏٺو ته مسڪرائيندا رهيا ۽ کاٻي پاسي نهاريو ته روئي پيا. پاڻ صلعم فرمايو ته مون جبريل عليه اسالم کان پڇيو ته ڇا ماجرا آهي ته جبريل ع وراڻيو ته سند

کاٻي ، ساڄي پاسي حضرت آدم ع جي اوالد جا روح آهن، ساڄي واري جنتي هئا جن کي ڏسي آدم عليه اسالم مسڪرايو هو ۽ کاٻي پاسي وارا جهنمي ، تن کي ڏسي رنائون واهلل اعلم بثواب

Page 14: حضرت آدم عليه والسلام

14

ذريا ته ڏٺائون ته ڪي عالم بيان ڪن ٿا ته جڏنهن پاڻ فرمايائون ته جڏنهن حضرت يوسف عليه اسالم وٽان گ

کين ته حسن جو هڪ وڏو ذخيرو عطا ٿيو هو ۽ پاڻ فرمايائون ته حضرت حضرت يوسف عليه اسالم جو حسن حضرت آدم ع جي حسن جي اڌ برابر هو. حضرت عمر رضيه کان مرقوم ۽ روايت ٿيل آهي ته جڏنهن اهلل ج جنت ذارش ڪئي ته” اي رب جل جالل اها جنت اسان کي ڏي، ڇو جو بني آدم الء ته توهان د نيا

پئي ٺاهي ته فرشتن گ

جوڙي آهي ، جتان هو کائيندا، پيئندا.“ اهلل ج فرمايو ته “ مونکي پنهنجي عزت و جالل جو قسم! مان پنهنجي دست قدرت سان تخليق ڪيل آدم ع جي اوالد کي اهڙي مخلوق وانگر نه ٺاهيندس جنهن کي مون چيو ته “ ٿي وڃ” ۽

هوء تخليق ٿي وئي. صحيحن ۽ سڀني محدثن جي مختلف طريقن سان روايت ٿيل حديثن ۾ اچي ٿو ته نبي ص (فرمايو ته ” اهلل ج حضرت آدم ع پنهنجي صورت ۾ پئدا ڪيو هو )واهلل اعلم بثواب

ابو عبداهلل امام احمد، حمزه يحي يعني ابن حمزه سعدي کان روايت ڪن ٿا ته مون مدينه طيبه ۾ هڪ عمر رسيده شخص کي ماڻهن سان ڳالهائيندي هيٺيون ڪالم ڪندي ٻڌو ته مون پڇيو مان ته هي بزرگوار ڪير شخص آهي، ته ماڻهن وراڻيو ته حضرت ابي بن ڪعب رضيه. پاڻ فرمايائون پئي ته “ جڏنهن حضرت آدم ع جي وفات جو ڏينهن ويجهو آيو ته پاڻ پنهنجي فرزندن کان جنت جي ميوي کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ، سندن فرزند جنت جو ميوو تالش ڪرڻ الء نڪري پيا، رستي ۾ کين فرشتا مليا جن جي هٿن ۾ ڪفن، خوشبوء،

ڪهاڙي، بيلچا ۽ ٽوڪريون هيون، فرشتن فرزند آدم ع کان پڇيو ته اي آدم عليه اسالم جا فرزندئو ڪيڏانهن جي تياري آهي، ڇا پيا ڳولڻ وڃو ، انهن فرمايو ته بابا سائين )آدم عليه اسالم ( بيمار آهن ۽ پاڻ جنت جي ميون کائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي اٿن. فرشتن پوء وراڻيو ته واپس ورو، ڇو ته توهان جو ابو آدم عليه السالم وفات

.ڪري چڪا آهن

روايت آهي حضرت ابي بن ڪعب جن کان ته ته جڏنهن موت جو فرشتو سند روح قبض ڪرڻ آيو ته بيبي حوا سند سامهون اچي بيٺي ته سندن روح قبض ڪيو وڃي، ته آدم ع بيبي حوا رضيه کي پاڻ کان جدا ۽ پري

ڪندي فرمايو ته مان توکان پهرين آيل آهيان تون مهنجي ۽ منهنجي الء منهنجي رب طرفان موڪليل فرشتن جي وچ ۾ نه اچ ۽ پوء فرشتن حضرت آدم ع جو روح مبارڪ قبض ڪري ورتو، ان کي پاڻ ئي غسل ڏنائون،

ن کان پوء سندن جنازي نماز پڙهي ۽ پوء قبر ڪفن پارايو، ۽ خوشبوء لڳايائون ۽ پوء ان جي لحد کوٽي، تيار ڪئي ، ا

جي مٽي برابر ڪري ڇڏي ۽ آدم عليه اسالم جي فرزندن کي سيکاريو ته ميت جي تجهيز و تڪفين جو اهوئي

Page 15: حضرت آدم عليه والسلام

15

.طريقو آهي

ابن عساڪر، حضرت ابن عباس کان روايت ٿو ڪري ته نبي سائين فرمايو ته “ مالئڪن حضرت آدم عليه اسالم تي چار تڪبيرون پڙهيون هيون هينو“ ، ۽ حضرت ابو بڪر صديق رضيه به حضرت فاطمه تي 4

.تڪبيرون پڙهيون ۽ حضرت صهيب به حضرت عمر رضيه تي چار تڪبيرون پڙهي جناز نماز پڙهي

محمد ابن عباس رحه فرمائين ٿا ته جڏنهن حضرت آدم عليه اسالم جي رحلت ٿي ته ان ڏينهن کان ستن ڏينهن تائين چنڊ ۽ سج کي گرهڻ لڳي. هابيل جي قتل کان پوء اهلل سائينء حضرت آدم ۽ حوا ع کي هڪ صالح ۽ نيڪ اولد حضرت شيش عليه اسالم عطا ڪيو. شيش جي معني آهي “ عطيه رباني” حضرت ابوذر رحه حضور محمد

صلعم کان روايت ڪن ٿا ته نبي سائين جن فرمائين ٿا ته اهلل ڪل 064 صحيفه الٿا هئا، جنهن مان 86 صحيفه .حضرت شيش عليه اسالم تي لٿا

محمد بن اسحاق رضيه ٻڌائين ٿا ته جڏنهن آدم ع جي رحلت جو وقت قريب آيو ته پاڻ پنهنجي صالح پٽ حضرت شيش ع کان هڪ عهد ورتائون ۽ کين رات ۽ ڏينهن جي وقتن جي عبادت جي تعليم ڏني، ۽ کين اهو به ٻڌايو ته سندن وصال کان پوء هڪ زبردست طوفان ايندو. محمد بن اسحاق ٻڌائي ٿو ته تمام اوالد آدم جو سلسله نسب حضرت شيش ع سان هلي ٿو ڇو جو باقي تمام اوالد کان نسل نه هلي سگهي ۽ سڀ جا سڀ نيست و نابود ٿي

ويا )واهلل اعلم بثواب(ه

حضرت آدم عليه اسالم جي دفن مڪام تي اختالف آهي مشهور اهو آهي ته سندن جسم خاڪي کي ان جبل جي ويجهو دفن ڪيو ويو هو جتي هندستان ۾ کين الٿو ويو هو. هڪ روايت آهي ته کين مڪه جي ويجهو جبل

ابو قبس جي ويجهو دفن ڪيو ويو هو، اهو به چيو وڃي ٿو ته حضرت نوح عليه اسالم جي وقت واري طوفان وقت سندن ۽ بيبي حوا جو جسم قبر مان ڪڍي هڪ تابوت ۾ رکي بيت المقدس ۾ دفنايو ويو هو، )هي ابن

جرير کان روايت آهي( ابن عساڪر ڪن عالمن کان روايت ڪري ٿو ته سندن مٿو مبارڪ مسجد ابراهيم جي ويجهو ۽ باقي جسم بيت المقدس جي جبلن جي وچ ۾ مدفون ٿيل آهي. حضرت حوا جي وفات سندن وصال کان

.هڪ سال پوء ٿي هئي

Page 16: حضرت آدم عليه والسلام

16

حضرت آدم عليه اسالم جي وفات کان پوء امور دنيا جي گاڏي حضرت شيش عليه اسالم ڇڪي پاڻ بني هئا جيئن حديثن ۾ پڻ اچي ٿو ۽ روايتن موجب مٿان 86 صحيفا لٿا هئا، جڏنهن حضرت شيش عاله اسالم جي وفات

ٿي ته سندن جڳه سند پٽ انوش ورتي، حضرت شيش ع کين نيڪي، عدل ۽ انصاف جي قيام جي وصيعت ڪئي هئي . انوش کان پوء قيننب ۽ پوء ان جي پٽ مهال ييل امور دنيا هالئي. مهال ييل جي متعلق فارس )ايران(

جا عجمي ماڻهو چون ٿا ته هو ستن قومن جو بادشاه هو. ڪهال ييل اهو پهريون شخص هو جنهن وڻ ڪٽي شهرن کي ٺاهڻ جو بنياد وڌو هو ۽ هن بلند قلعا تعمير ڪرايا هئا. چيو وڃي ٿو ته بابل شهر انهيء ئي وسايو هو،

اهڙي طرح سوس اقصي جي شهر جو بنياد به هن ئي وڌو هو. انهيء ۽ ابليس ۽ ان جي لشڪر تي سختي ڪري هن کي زمين تان ڀڄائي چوطرف جبلن ۽ انه ن جي درن ۾ ماري ڀڄايو هو ۽ االهي باغي ۽ ڪافر جن سند ئي هٿن سان

موتجي ويا. هن جي مٿي تي هڪ تاج رکيل هوندو هو جڏنهن هو ماڻهن کي خطاب فرمائيندا هئا. سندن حڪومت 46 سالن تائين قائم رهي. مهال ييل کان پوء اها ست بادشاهي سندس پٽ “يرو” کي ملي، ۽ جڏنهن ان

جي وفات جو وقت ويجهو آيو انهيء پنهنجي پٽ “خنوخ عليه اسالم کي وصيت ڪئي ۽ حڪومت ان جي حوالي ڪري ڇڏي. حضرت خونخ عاله السالم حضرت ادريس عليه اسالم جي نالي سان مشهور آهن. )واهلل اعلم

بثواب